Friday , March 29 2024

عام چونڊن ۾ دير يا ملتوي ٿيڻ جا خدشا ختم، چونڊون 25 جولاءِ تي ئي ٿينديون:چيف جسٽس سپريم ڪورٽ

لاهور ( سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ نامزدگي فارمن بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو آهي، چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي اهڙي فيصلي کانپوءِ عام چونڊن ۾ دير يا ملتوي ٿيڻ جا خدشا ختم ٿي ويا آهن. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٻه ميمبرن واري بئنچ، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق پاران لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف داخل ڪرايل درخواست تي تڪڙي ٻڌڻي ڪئي. درخواست جي ٻڌڻي دوران سردار اياز صادق ۽ اليڪشن ڪميشن جي وڪيلن دليل ڏنا. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته، لاهور هاءِ ڪورٽ نامزدگي ڪاغذن ۽ فارمن بابت داخل هڪ درخواست تي فيصلو ڏيندي نوان نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا آحن، جنهن سبب گذريل ٻن ڏينهن کان نامزدگي فارمز جاري ۽ واپس وصول ڪرڻ وارو عمل بند ڪيو ويو آهي. هن چيو ته عام چونڊن جو شيڊيول به جاري ڪيو ويو آهي، شيڊيول جاري ڪرڻ جي ٻئي ڏينهن تي لاهور هاءِ ڪورٽ اهڙو فيصلو ڏنو، جنهن سان 25 جولاءِ تي اعلانيل چونڊ شيڊيول سخت متاثر ٿي رهيو آهي.

ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجا دليل ڏيندي چيو ته، نامزدگي ڪاغذن ۽ فارم بابت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ قانون سازي جي ذريعي تبديلي ڪئي وئي هئي. ان کي معطل يا رد ڪرڻ بنيادي حقن واري قانون ۽ آئيني شق جي سراسر خلاف ورزي آهي. پارليامينٽ کي ڪنهن به معاملي جي قانون سازي يا وري ڪنهن به قانون ۾ ردوبدل ڪرڻ جو مڪمل آئيني حق حاصل آهي. سپريم ڪورٽ آڏو دليل ڏيندي اياز صادق جي وڪيل سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪئي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ختم /ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. اليڪشن ڪميشن جي جي وڪيل به اسپيڪر اياز صادق جي وڪيل جي موقف جي حمايت ڪندي لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي. ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار هڪ دفعو ٻيهر رمارڪس ڏيندي چيو ته عام چونڊون مقرر وقت تي 25 جولاءِ تي ئي ٿينديون.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *