Saturday , April 20 2024

عاصمه جهانگير جو لاڏاڻو:پاڪستان ۾ مزاحمت جي نشاني ۽ آمريتن خلاف ويڙهه جو هڪ باب بند ٿي ويو

    عاصما جهانگير 70 جي ڏهاڪي ۾ آمريت خلاف احتجاج دوران

لاهور/اسلام آباد (سنڌسماءَچار منيٽرنگ ڊيسڪ) ناليواري قانوندان، آمريتن آڏو پهاڙ بڻجي بيهندڙ اڏول ڪردار جي مالڪ عاصمه جهانگير لاڏاڻو ڪري وئي، پاڪستان ۾ آمريتن سان مزاحمت جي نشاني ۽ هر دور جي ڊڪٽيٽر سان مهاڏو اٽڪائيندڙ بابت بند ٿي ويو. سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر عاصمه جهانگير جي آچر ڏينهن صبح جو گهر ۾ ناشتي دوران سندن طبعيت خراب ٿي وئي ته کيس نيم بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو. جتي ڊاڪٽرن کيس انتهائي نگهباني واري واري وارڊ ۾ منتقل ڪيو. عاصمه جهانگير جي آچر ڏينهن مجنهند ڌاري فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي وئي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته، عاصمه کي جنهن وقت اسپتال آندو ويو ان وقت بيهوشي جي حالت ۾ هئي. هن جي رت جو دورو به تمام گهڻو وڌيل هو ۽ ان دوران کيس برين هيبريج جو حملو ٿيوپر سندس موت جو ڪارڻ دل جو دورو هو.

عاصما جهانگير جمهريت جي بحالي لاءِ هڪ مظاهري۾(فائيل فوٽو 

عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي واري خبر سڄي ملڪ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي، خبر پوندي ئي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار، سندس عزيز، سينئر وڪيل اڳواڻ، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشنز جا اڳواڻ ۽ سياسي سماجي اڳاوڻ ۽ ڪارڪن سندس رهائشگاهه تي پهچي ويا. چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار عاصما جهانگير جي لاڏاڻي تي چيو ته، عاصما جو لاڏاڻو ملڪ ۽ قوم لاءِ ته وڏو نقصان آهي پر سندس ذاتي نقصان به ٿيو آهي.

سپريم ڪورٽ بار جي  اڳوڻي صدر عاصما جهانگير کي مختلف موقعن تي انتهاپسند سميت مختلف ڌرين پاران ڌمڪيون ملنديون رهيون پر ملڻ هن ملڪ نه ڇڏيو ۽ هميشه انساني حقن جي وڪالت ڪئي. عاصما جهانگير جي لاڏاڻي تي سڄي ملڪ ۾ سوڳ جي لهر پکڙجي وئي آهي. صدر ممنون حسين چيو آهي ته،عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته عاصمه جهانگير هڪ فرد نه پر انساني حقن جو آواز هئي. هن چيو ته عاصمه جهانگير جو لاڏاڻو وڏو ڌچڪو آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيل خال مشڪل سان ڀرجي سگهندو. هن چيو ته عاصمه جهانگير آمرن خلاف تحريڪ ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته جمهوريت، قانون ۽ انصاف جي حڪمراني لاءِ عاصمه جهانگير جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو ته عاصمه جهانگير ملڪ ۾ آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ عملي طور متحرڪ انداز ۾ ڪم ڪيو. هن چيو ته عاصمه جهانگير جي قانون جي ميدان ۾ خدمتن کي گهڻي وقت تائين ياد رکيو ويندو. پ پ سينيٽر چوڌري اعتزاز احسن چيو ته عاصمه جهانگير جو لاڏاڻو وڪيل ڪميونٽي لاءِ وڏو ڌچڪو آهي، هوءَ هڪ دلير وڪيل هئي، هن انساني حقن لاءِ وڏو ڪم ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *