Friday , April 19 2024

عابد ڀيو ڪهڙي باغ جي موري آهي؟-الهه بخش راٺوڙ

rathore

 سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي سرڪاري ادارن جي ڀينگ لڳي پئي آهي، سرڪاري اسپتالون هجن يا انساني خدمت جا ٻيا ادارا، سڀني عوام کي ريليف ڏيڻ بدران عوام کي آزاريو آهي،جڏهن خانگي شعبي پاران ڪنهن نيڪ ڪم جي شروعات ڪئي وڃي ٿي ته ان ۾ وري ڀوتار، وڏيرا ۽ سردار ٽنگ اڙائي انهن کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.ايس آئي يو ٽي سکر جنهن جو خالق انسانيت جو علمبردار ڊاڪٽر اديب رضوي آهي.اهو بنا لالچ ۽لوڀ جي روزانو سوين گردي جي مريضن جو علاج ڪري رهيو آهي، اتي جيڪو واقعو ٿيو آهي، جنهن غنڊاگردي جو مظاهرو ڪيو ويو، ان تي انسانيت جو ڪنڌ جهڪي ويو آهي.هن واقعي ۾ پيپلز پارٽي شڪارپور ضلعي جو ايم پي اي عابد ڀيو ملوث آهي.مليل اطلاعن مطابق ايم پي اي عابد ڀيو گذريل ڏينهن ايس آئي يو ٽي سکر ۾ آيو ۽ پنهنجن هٿياربندن سان گڏ غنڊا گردي ڪئي.هن لائين ۾ بيهي علاج ڪرائڻ بدران زبردستي ايس آئي يو ٽي جي عمارت ۾ داخل ٿيو.مريضن سان گڏ عملي تي شديد تشدد ڪيو.هن جي ڪلاشنڪوف بردار هٿياربندن نه صرف بدمعاشي ڪئي، پر چئن ملازمن کي اغوا ڪري ورتو. موجود ملازمن کي چماٽون هنيون ۽ چيو ته هو ان جي طاقت کان اڻ واقف آهن.هي واقعو شام جو ڇهين وڳي جو آهي.

هن واقعي کانپوءِ ايس آئي يو ٽي جي ڊاڪٽرن ۽ ملازمن احتجاج ڪيو ۽ ڪم ڪرڻ کان انڪاري ڇڏيو.هن واقعي جي خبر جڏهن ڊاڪٽر اديب رضوي کي پئي ته هن ايس آئي يو ٽي سکر کي ئي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.ان دوران سکر جي سڄاڻ وڪيل شبير شر ۽ ٻين جڏهن پوليس کي واقعي جو نوٽيس وٺڻ ۽ ڊاڪٽرن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ته سکر جي ايس ايس پي امجد شيخ صاف انڪار ڪري ڇڏيو.ايس ايس پي، ايم پي اي عابد ڀيو ۽ ان جي هٿياربندن جي خلاف ايف آئي آر داخل ڪرڻ کان به انڪار ڪيو.جڏهن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه سان رابطو ڪيو ويو ته هن واقعي جو نوٽيس ورتو.هن ايس ايس پي امجد شيخ سان رابطو ڪري ايف آئي آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.سيد خورشيد شاهه اغوا ڪيل چئن ملازمن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ به زرو ڀريو.ان کانپوءِ به ايس ايس پي سکر امجد شيخ، ايم پي اي عابد ڀيو جو نالو ايف آئي آر ۾ شامل ڪرڻ کان انڪار ڪيو.هن صرف ٻه چار غنڊن جا نالا ايف آئي آر ۾ شامل ڪيا. ڊاڪٽر اديب رضوي جيڪو ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي ۽ سنڌ ۾ عبدالستار ايڌي کانپوءِ living legend آهي.ان جي انساني خدمتن جو اعتراف ڪرڻ بدران هڪ ايم پي اي غنڊا گردي ڪئي.

ان غنڊا گردي جو نقصان شهيد محترما بينظير ڀٽو جي لاڙڪاڻي واسين کي به ٿيو.جتي اربعا ڏينهن کان ايس آئي يو ٽي مرڪز ڪم ڪرڻ وارو هو، جنهن کي ملتوي ڪيو ويو.هاڻ لاڙڪاڻي جا گردن جا مريض ڌڪا داٻا کائيندا سکر ويندا يا وري ڪراچي جو رخ ڪندا.هي اسان جي مسڪين ماڻهن جو تمام گهڻو نقصان آهي. جيستائين سکر ايس آئي يو ٽي جو تعلق آهي ته هن مرڪز جي قيام ۾ عابد ڀيو ٽائپ ايم پي ايز جو ڪو به ڪردار ناهي.هنن ته سدائين ڌاڙا هڻي ۽ چوريون ڪري گذرسفر ڪيو.هنن کي ڪهڙي ڪل ته انسانيت جي خدمت ڪيئن ٿيندي آهي.ايم پي اي عابد ڀيو جي وڏي ڀاءَ بابل ڀيو جو ريڪارڊ اهو آهي ته ڪافي عرصي کان هن جي اوطاق ۽ گهرن تي پوليس ۽ رينجرز ڇاپا هڻندي رهي آهي.ڪجهه عرصو اڳ ۾ رينجرز جي اغوا ڪيل اهلڪارن کي بابل ڀئي جي اوطاق تان بازياب ڪرايو ويو.هن جي اوطابق مان ڪيترائي اغوا ڪيل عام ماڻهو به بازياب ٿيا. هنن جي ڏوهن جي سرگرمين کان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان وٺي عام ماڻهو سڀئي واقف آهن.انڪري هنن کي انسانيت جو درس ڏئي به نٿو سگهجي. ايس آئي يو ٽي سکر جي قيام ۾ بابل ڀيو هجي يا ان جي ننڍي ڀاءَ ايم پي اي عابد ڀيو جو ڪوبه ڪردار ناهي.هنن سميت اتر سنڌ جي سمورين وڏيرن، جاگيردارن،پاٿاريدارن، هٿ ٺوڪين سردارن هڪ پئسو به شامل نه ڪيو آهي.هن اداري لاءِ جيڪڏهن ڪا خدمت آهي ته اها قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جي آهي.هن ان ايس آئي يو ٽي لاءِ ٽيهه ايڪڙ زمين فراهم ڪئي.ان سان گڏ ڏهه ڪروڙ رپيا ڏنا.سندس ان خدمت کي هميشه ياد رکيو ويندو.ان کانسواءِ هن مرڪز لاءِ جيڪڏهن ڪنهن وڌيڪ چندو ڏنو آهي ته اهي سکر سميت اتر سنڌ جا ديوان آهن، جيڪي وڏي پئماني تي رقم فراهم ڪندا رهيا آهن. هاڻ جيڪڏهن نوازليگ جو سينيٽر نهال هاشمي بدمعاشي ڪري ٿو ته اسان سمورا هڪڙو ئي مطالبو ڪيون ٿا ته هو سينيٽرشپ تان استعيفا ڏئي.هن کان استعيفا ورتي وئي به پر جڏهن ساڳي نوعيت جو ڪريل ڪم پيپلز پارٽي جو ايم پي اي عابد ڀيو ڪري ٿو ته اسان سڀئي “مٺي به ماٺ، مٺي به ماٺ” ڪريون ٿا، هي ٻٽو معيار آهي.پيپلزپارٽي جي قيادت، آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه،سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ ٻيا هن واقعي جو نوٽيس ڇو نٿا وٺن؟ نهال هاشمي جيان ، عابد ڀئي جي ايم پي اي شپ ختم ٿيڻ گهرجي ۽ قانون کي به پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي. سنڌ جو انسپيڪٽر جنرل پوليس اي ڊي خواجا ، پنهنجي ايس ايس پي امجد شيخ کي حڪم جاري ڪري ته اهو قانون مطابق عابد ڀئي جي دهشتگردن سميت هن خلاف ايف آئي آر داخل ڪري کين گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري.

عابد ڀيو ۽ سندن غنڊن جا سي سي ٽي فوٽيجز موجود آهن.هنن جيڪو ڪجهه ڪيو اهو ڪيمرا جي اک کان اوجهل ناهي.جيڪڏهن ايس ايس پيز سطح جا پوليس عملدار پنهنجو فرض نه نڀائيندا ته کين پوليس ۾ اچڻ بدران عابد ڀئي جهڙن ڀوتارن جو ڪمدار ٿيڻ گهرجي.انهن کي قانون جو قلمدان نه سنڀالڻ گهرجي.ان حوالي سان مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه کي به پنهنجي قيادت تي زور ڀرڻ گهرجي ته اها عابد ڀئي جي خلاف قدم کڻي.جيڪڏهن عابد ڀئي جهڙا ماڻهو رهيا ته انسانيت جي خدمت ڪندڙ مايو س ٿي ويندا.ڊاڪٽر اديب رضوي صاحب کي گذارش ڪنداسين ته هو لاڙڪاڻي ۾ به پنهنجو مرڪز کولي ۽ هي وڏيرا ۽ ڀوتار هن جو ڪجهه به بگاڙي نٿا سگهن.ان حوالي سان پيپلز پارٽي جي وزيرن نثار کهڙي سميت سمورن اڳواڻن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.هنن کي ڊاڪٽر اديب وٽ ڪهي وڃڻ گهرجي ۽ کين تحفظ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائڻ گهرجي.سکر ايس آئي يو ٽي جو تحفظ ڪرڻ سڀني سنڌ واسين جو فرض آهي.سمورين ترقي پسند ، قومپرست ۽ جمهوريت پسندن ڪارڪنن کي اڳتي وڌي ڊاڪٽرن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي ۽ سنڌ جي سمورن پڙهيل لکيل ۽ ساڃاهه وندن کي ڊاڪٽر اديب رضوي سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ گهرجي ته جيئن ايم پي اي عابد ڀئي کي ڏينهن جا تارا نظر اچڻ گهرجن.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *