Friday , March 29 2024

صوبائي وزير ناصر شاهه جي به ٻڌو! اسلام آباد ۽ ٿر برابر آهن

اسلام آباد( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) سنڌ سرڪار ٿر کي ڏڪار سٽيل قرار ڏئي چڪي آهي، ان باوجود به صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته، ٿر ۽ اسلام آباد ۾ فرق نه آهي. ناصر شاهه اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته، ٻارن جي فوتگين واري معاملي ۾ اسلام آباد ۽ ٿر ۾ ساڳئي شرح ساڳئي آهي، جيترا ٻار اسلام ۾ فوت ٿين ٿا اوترا ئي اسلام آباد ۾ به مرن ٿا. ناصر شاهه پنهنجي موقف جي حمايت ۾ دليل ڏيندي چيو ته، سنڌ سرڪار جيترا ترقياتي ڪم ٿر ۾ ڪرايا آهن اوترا تاريخ ۾ ڪڏهن به ناهن ٿيا ۽ نه ئي ڪنهن حڪومت اوترو ٿر تي ڌيان ڏنو جيترو پيپلز پارٽي جي حڪومت ٿر تي توجهه ڏني آهي. ناصر شاهه چيو ته، اوهان وڃي ڏسو اسان ٿر ۾ ڪيترا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، اسپتالون اپگريڊ ڪري انهن ۾ جديد سهولتون مهيا ڪيون آهن.  ٿر ۾ وڃي ڏسو اتي ڪهڙيون ڪهڙيون سهولتون ڏنيون ويون آهن. سندس چوڻ هو ته ٿر ۾ ٻارن جي موت جي شرح اسلام آباد جي برابر آهي، ٿر ۾ جيترا ٻار فوت ٿيندا آهن، اسلام آباد ۾ به ايترا ئي ٻار فوت ٿين ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *