Friday , April 19 2024

صوبائي وزير امداد پتافي جو کاتو ڪرپشن جو ڳڙهه بڻجي ويو،%54.05 طور مشهوري ماڻي ورتي

ڪراچي ( اصغر آزاد- سنڌ سماءَ چار) اڳوڻي صوبائي  وزير شرجيل ميمڻ انتهائي اعتماد واري دوست امداد پتافي جي ورڪس اينڊ ڪميونيڪيشن کاتو ساڍا 54 سيڪڙو ڪميشن طور م مشهور ٿي ويو آهي. سنڌ جي ورڪس اينڊ ڪميونيڪيشن کاتي جي ٺيڪيدارن 54.05%  سيڪڙو ڪميشن ڀرڻ بعد 46.05% سيڪڙو رقم مان پنهنجي بچت ڪرڻ ۽ منصوبن تي خرچ ڪرڻ بابت چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ کان قانوني مشورو گهريو آهي، چيف سيڪريٽري اڃا تائين ڪا به صلاح نه ڏني. ورڪس اينڊ ڪميونيڪيشن کاتي جي مختلف ترقياتي منصوبن توڙي ايم اينڊ آر (مرمت) وارن ڪمن تي 54.05%  سيڪڙو ڪميشن جي اوڳاڙي ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

ان سلسلي ۾ لاڳاپيل کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ٺيڪيدارن چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ کي هڪ خط لکي مقرر بجيٽ مان ڪميشڻ واري رقم ڏيڻ بعد بچيل رقم جي خرچ ڪرڻ جو طريقيڪار معلوم ڪرڻ لاءِ قانوني مدد گهري آهي. ٺيڪيدارن پاران لکيل درخواست نما خط ۾ ٽينڊر کانپوءِ بل ڪليئر ڪرائڻ تائين جي سمورن مرحلن لاءِ مقرر ڪيل ڪميشن جا وچور به مهيا ڪيا ويا آهن. ان درخواست ۾ چيو ويو آهي ته، ٽينڊر ۾ ڪاميابي بعد ورڪ آرڊر جاري ڪرائڻ لاءِ 15 کان 20 سيڪڙو ڪميشن ورتي وڃي ٿي. جنهن بعد ڊي آر لاءِ ٻڌا 30 هزار رپيا وصول ڪيا وڃن ٿا. ٺيڪيدارن پاران ڊي سي آفيس، ٽريزري، بلز ٺاهڻ ۽ پاس ڪرائڻ انسپيڪشن وغير سميت 12 اسم ڄاڻايا ويا آهن، جن مختلف مرحلن لاءِ هڪ کان 20 سيڪڙو ڪميشن ماقرر ڪئي وئي آهي. جيڪا رقم ملائي ڪنهن به منصوبي جي ڪل رقم جو 54.05%   سيڪڙو ٿئي ٿي. ٺيڪيدارن جي اهڙي شڪايتي خط/درخواست آفيشلي وصول پڻ ڪئي وئي آهي، جنهن تي ان بابت چيف سيڪريٽري اڃا تائين ٺيڪيدارن کي ڪنهن به قسم جي ”صلاح /قانوني مشورو ناهي“ ناهي ڏنو.

About Asghar Azad

Check Also

ڪرونا وائرس تيزي سان ڦهلجڻ لڳو، سنڌ ۾ مريضن جو انگ 1020 ٿي ويو

 سنڌ ۾ ڪرونا جي مريضن جو انگ 1020، پنجاب ۾2040 ٿي ويو پاڪستان ۾ مريضن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *