Friday , March 29 2024

صدرالدين هاشواڻي،حسين دائود، تاثير خاندان ۽ ميان منشا سميت ڪيترائي ڪاروباري ٽائيڪونس به پيراڊائيز ليڪس ۾ شامل

ڪراچي (سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) صحافين جي تنظيم آءِ سي آءِ جي پاران منظر تي آندل پيراڊائيز ليڪس جي رپورٽس ۾ وڌيڪ اهم انڪشاف سامهون اچڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي انتهائي طاقتور ڪاروباري شخصيتن جا نالا به سامهون اچي ويا آهن. مسلم ڪمرشل بئنڪ جي منشا گروپ جي مالڪ ميان منشا، هاشو گروپ آف ڪمپنيز جي صدرالدين هاشواڻي، ظهير الدين، فيراستا، حسين دائود ۽ سونهري بئنڪ جي مالڪ سميت 135 پاڪستان جي صنعتڪارن جا نالا به آف شور ڪمپنين جي مالڪن ۾ شامل آهن. رپورٽ موجب سونهري بئنڪ جي مالڪ علاؤ الدين فيراستا ۽ دائود هرڪوليس ڪارپوريشن جي چيئرمين حسين دائود جا نالا پيراڊائيز ليڪس ۾ شامل آهن.

اهڙي طرح عبيد الطاف خاناڻي، بزنس مين ظهير الدين، تاثير خاندان ۽ شيرات آئل اينڊ گئس ڪمپني سميت ٻين پاڪستانين جا نالا به سامهون اچي ويا، اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز، اين آءِ سي ايل جي اڳوڻي چيئرمين اياز خان نيازي ۽ ٻين پاڪستاني شهرين برمودا، برطانيا، ورجن آئيلينڊ، ڪيمين، مالٽا ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪمپنيون ٺاهيون آهن، پيراڊائيز جي رپورٽ موجب بزنس مين صدر الدين هاشواڻي بارباڊوس ۽ ڪيمين آءِ لينڊ ۾ ٻن ڪمپنين جو مالڪ بڻيل آهي.

جڏهن ته سونهري بئنڪ جي چيئرمين علاؤالدين فيراستا برٽش ورجن آءِ لينڊ ۾ هڪ ڪمپني ٺاهي، سندس ڀائٽيي ۽ روپالي پولي ايسٽر لميٽيڊ جي چيئرمين به ورجن آءِ لينڊ ۾ هڪ ڪمپني قائم ڪئي، جنهن جا سوئس بئنڪ ۾ اڪائونٽ آهن، پيراڊائيز ليڪس موجب اسماعيلي برادري جو روحاني پيشوا ۽ برطانوي شهري پرنس ڪريم آغا خان جو نالو به سامهون اچي ويو آهي، هو آئل آف مين براؤ روميو ۾ هڪ آف شور ڪمپني جو مالڪ آهي، پاڪستان جي شيرات آئل اينڊ گئس ڪمپني جو نالو به پيراڊائيز ليڪس ۾ سامهون آيو آهي، جنهن جا 3 آفشور اڪائونٽ پڌرا ٿيا آهن، شيرات آئل اينڊ گئس ڪمپني ڊي ٽي ايڇ لائسنسن لاءِ نيلامي جي ٻولي لڳائي هئي.

بهاماس: پيراڊائيز ليڪس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جا 2 ٽرسٽ سامهون اچي ويا آهن، سٽي ٽرسٽ لميٽيڊ بهاماس ۾ قائم ڪيو ويو آهي، شوڪت عزيز بئنڪ عهديدار سٽي ٽرسٽ جو ڊائريڪٽر بڻيو، شوڪت عزيز انٽارڪٽڪ ٽرسٽ به قائم ڪيو، سندس گهرواري رخسانا عزيز، پٽ عابد عزيز ۽ ماها عزيز ۽ ان کي ڌيئرون لبنيٰ خان ۽ تانيا خان بيني فشري آهن، دستاويزن موجب شوڪت عزيز ناڻي وارو وزير بڻجڻ کان اڳ آمريڪي رياست ڊيلاوير ۾ ٽرسٽ قائم ڪيو، جنهن کي برمودا مان هلايو ويو هو، پيراڊائز ليڪس موجب ناڻي واري وزير ۽ وزيراعظم طور شوڪت عزيز ڪڏهن به پنهنجا اثاثا ظاهر نه ڪيا، شوڪت عزيز نيو يارڪ مان پنهنجي وڪيل ذريعي ٻڌايو ته سندس ٽرسٽ کي پاڪستان ۾ ظاهر ڪرڻ جي ضرورت نه هئي، ڇاڪاڻ ته هو سيٽلر هو، واضح رهي ته شوڪت عزيز 1999ع ۾ ناڻي وارو وزير مقرر ٿيو، جڏهن ته 28 آگسٽ 2004ع تي وزيراعظم جو عهدو سنڀاليو ۽ 15 نومبر 2007ع تائين وزيراعظم رهيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *