Tuesday , April 16 2024

صدارتي چونڊ، مخالف ڌر ورهايل، ن ليگ جو اعتزاز احسن جي حمايت کان کتو جواب

اسلام آباد ( رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) صدارتي چونڊ لاءِ مخالف ڌر ورهايل، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ هوڏ تي قائم، مخالف ڌر جي تڪرار مان پي ٽي آءِ ڀرپور فائدو وٺڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن، پ پ آصف زرداري جي چوڻ تي نامزد اميدوار اعتزاز احسن جي جاءِ تي نئون نالو واپس وٺڻ کان کتو جوابڏئي ڇڏيو، فضل الرحمان پاران ن ليگ کي اعتزاز احسن جي نالي تي لچڪ جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل، ن ليگ چيو آهي ته پيپلزپارٽي اعتزاز بدران يوسف رضا گيلاني کي نامزد ڪري ته سندس حمايت ڪنداسين. صدارتي چونڊن لاءِ گڏيل اميدوار آڻڻ تي اپوزيشن جماعتن وچ ۾ اتفاق نه ٿي سگهيو آهي، نون ليگ صدارتي اميدوار لاءِ اپوزيشن آڏو پ پ اڳواڻ يوسف رضا گيلاني جو نالو رکي ڇڏيو، جنهن جي پيپلزپارٽي مخالفت ڪري ڇڏي، پ پ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن جماعتن جو گڏيل  اميدوار اعتزاز احسن هئڻ گهرجي 4سيپٽمبر تي ٿيندڙ صدارتي چونڊن لاءِ پي ٽي آءِ پاران عارف علوي کي نامزد ڪيو ويو آهي پر اپوزيشن جماعتن وچ ۾ اڃا تائين ڪنهن نالي تي اتفاق نه ٿي سگهيو آهي.

پ پ وفد اڄ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪري صدارتي چونڊ لاءِ اعتزاز احسن جي نالي تي کائنس مدد گهري ورتي آهي.  پ پ وفد سان ملاقات دوران مولانا فضل الرحمان کين يقين ڏياريو ته هو اعتزاز احسن جي نالي تي اتفاق ڪن ٿا. پ پ وفد جي ملاقات بعد جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان  مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف سان فون تي رابطو ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان پيپلز پارٽي جي وفد سان ٿيل ملاقات کان شهباز  شريف کي آگاهه ڪيو.  مولانا فضل الرحمان شهباز شريف کي پيپلزپارٽي جي صدارتي اميدوار جي حمايت کان به آگاهه ڪيو. مولانا فضل الرحمان شهباز شريف کي چيو ته آصف زرداري اعتزاز احسن جو نالو واپس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، فضل الرحمان نون ليگ کي پنهنجي موقف ۾ لچڪ پيدا ڪرڻ جي به  درخواست ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران شهبازشريف پنهنجي پارٽي سان مشاورت لاءِ مولانا فضل الرحمان کان مهلت گُهري. ذريعن جو چوڻ آهي ته نون ليگ کي صدارتي اميدوار لاءِ اعتزاز احسن جي نالي تي خدشا آهن، نون ليگ جو موقف آهي ته پيپلزپارٽي صدارتي چونڊن لاءِ يوسف رضا گيلاني کي نامزد ڪري ته هو ان جي حمايت ڪري سگهن ٿا. ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن جماعتن ۾ يوسف رضا گيلاني جي نالي تي اتفاق ٿيو ته نون ليگ پنهنجي اميدوار جو نالو واپس وٺندي. پيپلزپارٽي صدارتي چونڊن لاءِ ڪنهن ٻئي نالي کي رد ڪندي چيو آهي ته اپوزيشن جماعتن جو گڏيل اميدوار اعتزاز احسن ئي هئڻ گهرجي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *