Thursday , April 18 2024

صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ لاءِ دڳ ڳولهيو پيو وڃي: رضا رباني

صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ لاءِ دڳ ڳولهيو پيو وڃي،حڪومت ۾ هڪڙا پرڏيهه مان آيل آهن ٻيا انهن جي مفادن جا محافظ: رضا رباني

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته، هڪ سوچيل سمجهيل رٿابندي تحت پارلياماني نظام جي ناڪامي جون ڳالهيون ڪري ملڪ ۾ صدارتي نظام آڻڻ لاءِ دڳ ڳولهيو پيو وڃي، ڪاروباري ماڻهن موجوده حڪومت جي اليڪشن مهم هلائي ۽ هاڻي انهن جي سهولتن لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي. سينيٽ ۾ بجيٽ تي بحث دوران تقرير ڪندي ڪندي پ پ سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته موجوده حڪومت جي اقتصادي پاليسي سمجهڻ لاءِ چونڊن ۽ ان جو طريقيڪار سامهون رکون ته ڪافي شيون سامهون اچي وينديون. وڏن ڪاروباري گروپن موجوده حڪومت جي اليڪشن مهم دوران مالي وسيلا مهيا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ ئي چونڊ نتيجن ۾ 2 طبقا واضح نموني سامهون آيا، هڪ طبقو بگ بزنس جو آهي ۽ ٻيو پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جو آهي، جن پرڏيهه ۾ ملڪيتون ٺاهيون ۽ پوءِ پاڪستان ۾ چونڊ وڙهڻ آيا.رضا رباني چيو ته سوچيل سمجهيل سازش تحت اها واويلا شروع ٿي وئي آهي ته پارلياماني نظام ناڪام ٿي ويو آهي، اهوڳ نظام عوام کي ريليف ۽ ملڪي ترقي لاءِ ڪارآمد ناهي رهيو، انڪري ملڪ ۾ صدارتي نظام لڳايو وڃي. رضارباني چيو ته، وزيراعظم عمران خان به ايوب خان ۽ ان جي حڪومتي دور کان متاثر آهي، هن وقت جنهن انداز سان معاملا هلايا پيا وڃن انهن سان جمهوريت کي ڪو به فائدو ناهي. هن چيو ته اهي سڌارا جن ملڪ کي ٻه ٽڪڙا ڪيو، پورهيتن جا حق کسيا، ڇا اسان ان طرف ته نه پيا وڃون؟ جيڪو هن انڪيوبيٽر کي هلائي رهيو آهي، اهو سمجهي وڃي ته 1960 وارو ڏهاڪو ٻيو هو، 2020 وارو ڏهاڪو ٻيو آهي.

رضا رباني چيو ته بجيٽ ڪلاس اوريئنٽيڊ ۽ ڪيپيٽلسٽ آهي. وڏن بزنس هائوس وارن جي مفادن کي نظر ۾ رکندي بجيٽ ٺاهي وئي. رضا رباني جو چوڻ هو ته، خميس ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ واضح پيغام ڏنو ويو آهي ته ملڪ ۾ سيڙپڪارن جي تحفظ لاءِ ٽريڊ يونين جي سرگرمين کي وڌڻ نه ڏينداسين. رضا رباني چيو ته ٽريڊ يونين جون سرگرميون هڪ سال لاءِ بند ڪيون ويون. اهو پاڪستان جي سيڙپڪارن کي واضح پيغام آهي ته اسان پورهيتن کي چٿي ڇڏينداسين. بجيٽ ۾ پراڻو اين ايف سي ايوارڊ برقرار آهي، حڪومت آئيني جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. اهو چوڻ درست ناهي ته اهو سڀ ڪجهه حڪومت پاڻ ڪري رهي آهي، حڪومت اڳ ئي گوڏن ڀرڪريل آهي.

رضا رباني چيو ته آءِ ايم ايف جي ٽيم 2 ڀيرا آئي، ايوان دانهون ڪندو رهيو پر آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي حوالي سان ايوان کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو. بجيٽ ۾ هڪ شق ايمنسٽي بابت آهي، اها ڇا جي لاءِ آهي؟ اها ان ڪلاس لاءِ آهي، جن پرڏيهه ۾ رهي دولت ڪمائي ۽ هاڻي پاڪستان اچي ايم اين اي، ايم پي اي ۽ سينيٽر ٿيا آهن. رضا رباني بجيٽ کي انوکي قرار ڏيندي چيو ته هن بجيٽ ۾ جون جولاءِ جي بجيٽ جو به هينئر کان ئي اعلان ڪيو ويو آهي، اهو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي. هن چيو ته هي بجيٽ بگ هائوسز لاءِ لالي پاپ آهي. رضا رباني بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏنو ۽ چيو ته گئس جي اگهن، ٽرانسپورٽ ۽ ٽرين جي ڀاڙن ۾ واڌ ٿي آهي، دوائون مهانگيون ٿي ويون آهن، هن چيو ته بجيٽ ۾ گردشي قرضن ۾ واڌ ۽ ان کي روڪڻ جي حوالي سان ڪا ڳالهه ناهي ڪئي وئي، ڪرپشن تي وڏي واويلا ڪئي وئي پر رياستي ادارن کي صحيح تي آڻڻ جو ڪو رستو ناهي ٻڌايو ويو. پ پ سينيٽر چيو ته بجيٽ ۾ پرنٽ ميڊيا کي رليف ڏنو ويو آهي، ان جو فائدو مالڪن کي ٿيندو. ٽي وي چينلز ۽ پرنٽ ميڊيا جي ملازمن کي ٻن ٽن مهينن کان پگهارون ناهن مليون. جيڪڏهن رليف ڏيڻو هو ته ميڊيا مالڪ کي چيو وڃي ها ته اوهان ملازمن کي پگهارون ڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *