Wednesday , April 24 2024

صحت کاتي ۾ 6025 نوان ملازم ڀرتي ٿيندا

ڪراچي(رپورٽر  سنڌ سماءَچار) سنڌ حڪومت پاران صحت کاتي هڪ گريڊ کان15 گريڊ تائن نوان ملازم ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ورتو آهي، صحت کاتي جي سيڪريٽري ڊي جي هيلٿ کي هدايت ڪئي آحي ته ملازم ڀرتي ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن..سنڌ حڪومت پاران صحت کاتي مان ملازمن جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ گريڊ هڪ کان 15هين گريڊ جي پوسٽن تي ڀرتيون ڪرڻ لاءِ اجازت ڏني وئي آهي. صحت کاتي پاران ڊي جي هيلٿ کي لکيل خط ۾ حيدرآباد ۾ 118، ڪراچي ۾ 103، بدين ۾ 333، ٺٽي ۾ 270 ۽ دادو ۾ 344 نيون ڀرتيون ڪرڻ جي منظوري  ڏني آهي. سنڌ سرڪار پاران ڄامشوري ۾ 281، ميرپورخاص ۾ 460، ٿرپارڪر ۾ 557 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 520 نيون ڀرتيون ڪرڻ جي منظوري ڏني  وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *