Tuesday , March 19 2024

صالح پٽ ۾ گهر جي پت ڪِرڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 9 معصوم ٻارڙا فوت

سکر(رپورٽر   سنڌسماءَچار) صالح پٽ ويجهو گهر جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿيل 9 معصوم ٻارڙن جا مڙهه جنازي نماز بعد شادي شهيد قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا، 9 معصوم ٻارڙن جا هڪئي وقت جنازا کڄڻ دوران علائقي جو ماحول سوڳوار ٿي ويو. ڳوٺ غلام سرور شنباڻي ۾ اوچتو گهر جي ڀت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهر ڀرسان راند ڪندڙ 8 ٻارڙا دٻجي ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 3 ٻارڙا سخت زخمي ٿي پيا. مقامي ماڻهن واقعي واري هنڌ پهچي پنهجي مدد پاڻ تحت ملبي مان فوتي ٻارڙن جا لاش ۽ زخمين کي ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جتي وڌيڪ هڪ ٻارڙي فوت ٿي وئي.

فوتي ٻارڙن ۾ 12 سالن جو گڊو، 4 سالن جو زلفت، 4 سالن جو محمد يعقوب، 9 سالن جو غلام اڪبر،7 سالن جي رخسار، 6 سالن جي منظوران، 12سالن جي رخسانا، 4 سالن جي ستارا ۽ 12 سالن جي رضيا شنباڻي شامل آهن. زخمين ۾9 سالن جو سخي ڏنو ۽ ٻن سالن جو دلشاد شنباڻي شامل آهن، جن کي مقامي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ٻارڙا گهر ڀرسان راند ڪري رهيا هئا ته اوچتو مٿن ڀت ڪري پئي. فوت ٿيل 9 معصوم ٻارڙن جي جنازي نماز ڳوٺ غلام سرور شنباڻي ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ پ پ ايم پي ايز سيد فرخ شاهه ۽ سيد اويس شاهه سميت علائقي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز بعد ٻارڙن جا مڙهه خيرپور ضلعي جي درگاهه شادي شهيد جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا، 9 معصوم ٻارڙن جا هڪئي وقت جنازا کڄڻ دوران علائقي جو ماحول سوڳوار ٿي ويو.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *