Friday , March 29 2024

شگر ملز مالڪن کي ٽن مهينن اندر ٽريٽمينٽ پلانٽ نه لڳايا ته ملز سيل ڪيون وينديون

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) واٽر ڪميشن جي سربراهه سنڌ جي شُگر ملز جي انتظاميا ۽ مالڪن کي هدايت ڪئي آهي ته ٽن ميهنن اندر ٽريٽمينٽ پلانٽس نه لڳايا ويا ته ملون سيل ڪيون وينديون. واٽر ڪميشن ڪراچي ۾ ڪچرو کڻندڙ چيني ڪمپني جي مالڪ کي طلب ڪري ورتو، جسٽس  (ر) امير هاني مسلم   چيني ڪمپني جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ ۽ بي اطميناني جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪيترائي مهينا معاهدي کي ٿي چڪا آهن پر عمل ناهي ٿي سگهيو، ڪميشن جي حڪم باوجود پلاسٽڪ جي ٿيلهي بند نه ٿي آهي، جيڪڏهن ڪم نه ٿيندو ته رقم به نه ملندي، جيڪڏهن مشينري خراب آهي ته ٻي خريد ڪئي وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ واٽرڪميشن جي صاف پاڻي ۽ نيڪال واري صورتحال بابت ڪارروائي ٿي. ڪارروائي دوران ڪميشن ڪراچي ۾ چيني ڪمپني  جي ڪارڪردگي  تي ڪاوڙ ۽ بي اطميناني جو اظها رڪيو.

ڪميش چيني ڪمپني جي حڪومت کي هدايت ڪئي ته جيڪڏه مشينري خراب آهي ته ٻي خريد ڪئي وڃي ۽ ڪراچي کي صاف ڪيو وڃي.ان موقعي تي چيني ڪمپني جي جنرل مئنيجر ڪمپني جي مالڪ سان مشاورت لاءِ مهلت گهري ورتي. واٽر ڪميشن چيو ته اڳ ڪير به پڇڻ وارو نه هو، هاڻ پيسا کائڻ  ۽  سنڌ کي تباهه ٿيڻ نه ڏينداسين. واٽر ڪميشن چيو ته چائينيز  ڪمپني کي جيڪو ڪم ڪرڻو هو ، اهو نه ڪيو، رڳو پيسا وٺندي رهي.چيني ڪمپني جي نمائندي چيو ته ڪراچي ۾ ڊي ايم سي ملازم ڪم نه ٿا ڪن، چين ۾ هڪ حڪم تي هر ماڻهو ڪم ڪندو آهي. چيني ڪمپني جي نمائندي چيو ته پاڪستان ۾ الڳ الڳ حڪم ۽ وڌيڪ ادارن جي مداخلت سبب ڪم ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي. ڪميشن جي حڪم باوجود پاڪستان ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلي به بند نه ٿي آهي. جنهن تي ڪميشن چيو ته تماشو نه بڻايو ۽ بليڪ ميل نه ڪيو، لکي ڏيو ته معاهدي تي عمل ڪڏهن ٿيندو؟ ڪميشن ڪراچي مان ڪچرو کڻندڙ چيني ڪمپني جي مالڪ کي طلب ڪري ورتو.  سٽس (ر) امير هاني مسلم چيو ته جتي ڊسٽ بن آهن، اتي به گندڪچرو روڊ تي پيل هوندو آهي، جنهن تي مئنيجر سالڊ ويسٽ بورڊ چيو ته چيني ڪمپني وڌيڪ سئو ملازمن کي ڀرتي ڪرڻ جي پابند آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *