Friday , March 29 2024

شگرملز مالڪن پاران ڪمند جو سرڪاري اگهه ڏيڻ سان نقصان ٿيندو:شگر ملز مالڪن جي دعويٰ

ڪراچي ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪمند جو مقرر اگهه نه ملڻ خلاف توهين عدالت جي درخواست جي ٻڌڻي دوران ملز مالڪن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو آهي ته، جيڪڏهن مل مالڪ ڪمند جو سرڪاري اگهه 182 رپيا في مڻ اگهه ڏيندا ته کين سخت مالي نقصان ٿيندو، انڪري سرڪاري اگهه نه ٿا ڏئي سگهن. عدالت لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 10 جنوري تائين جواب  طلب ڪري ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس منيب اختر جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪمند جو مقرر اگهه نه ملڻ خلاف توهين عدالت جي درخواست تي  ٻڌڻي ڪئي. آبادگارن پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عدالت آبادگارن کي  ڪمند جو في مڻ اگهه 172رپيا ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، پر شگر ملز مالڪ ان تي عمل نه ڪري رهيا آهن. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته شگر مل مالڪن حڪم تي عمل ڪرڻ بدران ملون ئي بند ڪري ڇڏيون آهن، جنهن ڪري آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. ملز مالڪن جي وڪيل توهين عدالت خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪرائيندي چيو  ته عدالت پاران مقرر ڪيل ڪمند جو  اگهه 172 رپيا ملز مالڪ ادا نٿا ڪري سگهن. ڪمند جو مقرر ڪيل اگهه ڏيڻ سان ملز مالڪن کي نقصان ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري هنن مجبورن ملون بند ڪري ڇڏيون آهن. عدالت جي درخواست تي  لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 10 جنوري تائين جواب  طلب ڪري ورتو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *