Friday , April 19 2024

شڪي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوڪري واسي جي وارثن کي پوليس احتجاج ڪرڻ به نه ڏنو

موهن جو دڙو ( رپورٽر     سنڌسماءَچار) نئون ديرو پوليس پاران ڏوڪري واسي نوجوان کي مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ مارڻ جي دعويٰ، مارجي ويل نوجوان جي وارثن موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي ڌرڻو هڻندي چيو آهي ته پوليس نوجوان کي ناحق “فل فراءِ” ڪيو ويو آهي، وارثن موجب نوجوان کي پهرين ڏوڪري پوليس گرفتار ڪيو ۽ بعد ۾ نئون ديرو پوليس حوالي ڪيو، جنهن ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي کيس ماري ڇڏيو، ڏوڪري پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ احتجاج دوران چڪريون.

ڏوڪري جي رهواسي وزير علي چانڊيو کي نئون ديرو پوليس مبينا مقابلي ۾مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، مارجي ويل وزير چانڊيو جي وارثن لاش موهن جو دڙو ايئرپورٽ روڊ تي رکي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ته پوليس کين ڌڪا ڏيندي رهي ۽ احتجاج ڪرڻ نه ڏنو. ڪندي چيو ته اسان جي نوجوان کي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو آهي، احتجاج دوران پوليس ۽ نوجوان جي وارثن وچ ۾ چڪريون ٿي پيون. نوجوان جي وارثن چيو ته ڏوڪري پوليس وزير علي چانڊيو کي گرفتار ڪري اسان کان 50 هزار رپيا گهريا، رشوت نه ڏيڻ تي نوجوان کي نئون ديرو پوليس حوالي ڪيو ويو جنهن ڪوڙي مقابلي ۾ وزير علي کي قتل ڪيو آهي. چنا پل ڳوٺ چانڊيا جي رھواسي 35 ورهين جي نوجوان وزير علي چانڊيو کي نئون ديري پوليس مبينا مقابلو ڄاڻائي فل فراءِ ڪري ڇڏيو، جنهن بعد پوليس لاش وارثن حوالي ڪيو. وارثن نوجوان جو لاش ايئرپورٽ روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو جتي پوليس پهچي احتجاج ڪندڙن تي تشدد ڪندي انهن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

ان موقعي تي وارثن چيو ته گذريل ڏينهن ڏوڪري پوليس اسان جي نوجوان کي ھوٽل تان گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو هو ۽ اسان کان سندس جي آزادي لاءِ  جي ايس ايڇ او ڏوڪري ڪرم الله زرداري پنجاھ هزار رشوت گهري. هنن چيو ته رشوت نه ڏيڻ تي ڏوڪري پوليس اسان جي نوجوان وزير علي کي نئين ديري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو هيو، جن اسان جي نوجوان کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيو آهي. رابطو ڪرڻ تي ڏوڪري پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او ڪرم الله زرداري جو چوڻ هو ته ان سلسلي ۾ مونکي ڪو به علم ناهي. قتل ٿيل نوجوان جي وارثن احتجاج ڪندي چيو ته اسان سان پوليس ناحق ڪيو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *