Friday , April 19 2024

شڪارپور ۾ وحشت به شرمائجي وئي، ٻه عورتون ۽ ٻه ٻارڙا اغوا بعد قتل

  شڪارپور: اغوا بعد قتل ڪيل ٻارڙا ۽ ناري

شڪارپور( رپورٽر سنڌسماءَچار) شڪارپور ۾ ذاتي دشمني تي ليڪا لتاڙجي ويا ۽ وحشت به شرمائجي وئي، ملڪيت جي تڪرار تان هڪ ڀاءُ ٻئي ڀاءُ جي گهر ڀاتين کي اغوا ڪرڻ بعد بيدردي سان قتل ڪري لاش  روڊ تگي اڇلائي ويا، پوليس جوابدار ۽ سندس زال سميت 4 ڄڻا گرفتار ڪري ورتا، مارجي ويل عورت جي مڙس جو چوڻ آهي ته اغوا وقت ئي خدشو ڏيکاريو هو ته جوابدار ڀاءُ پوليس اهلڪار آهي اُهو گهر ڀاتين کي قتل ڪري ڇڏيندو پر پوليس ڪا به واهر نه ڪئي. ايس ايس پي شڪارپور مسعود بنگش چيو آهي ته واقعو گهرو تڪرار تان پيش آيو، پوليس ڪارروائي ڪري ٻن اهلڪارن سميت چئن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي.

گذريل ڏينهن هٿياربندن پوليس هيڊ ڪوارٽر ويجهو علينواز مڱڻهار جي گهر  تي حملو ڪري سندس گهرواري مسمات زليخان، ڌيءُ فرزانا ۽ ٻن ڏوهٽن 6 سالن جي ڪاشف ۽ 8 سالن جي ساجد کي اغوا ڪيو هو.جنوني جوابدارن اغوا ڪيل ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي قتل ڪري ڇڏيو، سندن لاش ايس ايس پي آفيس روڊ تي اڇلائي ڇڏيا. اطلاع تي پوليس پهچي چئني مقتولن جا لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي کان پوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. مقتولن جي وارثن علينواز مڱڻهار ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته هنن اڳواٽ ئي خدشو ظاهر ڪيو هو ته اغوا ٿيلن کي قتل ڪيو ويندو پر پوليس جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي. ٻئي پاسي ايس ايس پي شڪارپور مسعود بنگش ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته واقعو برادري تڪرار جو نتيجو آهي، پوليس برقوت ڪارروائي ڪئي هئي. هن چيو ته پوليس واقعي ۾ ملوث 2 پوليس اهلڪارن اي ايس آءِ محمد نواز ۽ شاهنواز مڱڻهار سميت چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *