Friday , April 19 2024

شڪارپور ۾ ميونسپل ملازمن جو پگهارن لاءِ احتجاج، هڪ پورهيت فوت

شڪارپور(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شڪارپور ميونسپل جي ملازمن کي 4 مهين کان پگهارون نه مليون، احتجاجي مظاهري دوران دل جو دورو پوڻ سبب هڪ پورهيت فوت، مڪاني ادارن جي واري کاتي جي وزير توڙي عملدارن کي جهٻ نه آئي. شڪارپور ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن کي 4 مهينن کان پگهارون ناهن مليون، پگهارون حاصل ڪرڻ لاءِ پورهيتن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي. ريلي دوران هڪ پورهيت مڪيش لڌا کي دل جو دورو پئجي ويو، جنهن کي اسپتال نيون پي ويو ته رستي ۾ فوت ٿي ويو. ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن چئن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙ ملازمن جو چوڻ آهي ته، 4 مهينن کان پگهارون بند هجڻ ڪري ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، شڪايتون ۽ احتجاج ڪرڻ جو اختياريون نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهن. هنن چيو ته ملازمن جو چوڻ آهي ته مڪيش لڌا احتجاج دوران دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿيو آهي پر ان جي قتل جو ڪيس مڪاني ادارن جي وزير، سيڪريٽري ۽ مقامي انتظاميه خلاف داخل ڪيو وڃي.  ميونسپل آفيس آڏو احتجاج ڪندڙ شڪارپور ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي  ڪچن ملازمن ڀشن لعل، راجو داس، ساگر ۽ ٻين  چيو ته، هو سڄي شهر جي صفائي ڪري صاف سٿرو رکون ٿا پر گذريل چئن مهينن کان  240 ملازمن کي پگهارون ناهن مليون، جنهن ڪري اڄ هڪ ملازم ذهني دٻاءُ سبب فوت ٿيو آهي، جنهن جا ذميورا ميونسپل آفيسر آهن.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *