Wednesday , April 17 2024

شڪارپور: پ پ اڳواڻ مقبول شيخ سميت 10 ڄڻن جي گرفتاري جا وارنٽ جاري

Maqbool Sheikh

شڪارپور جي سيشن جج نزاڪت علي جانوري جي عدالت پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مقبول شيخ جا قتل ڪيس ۾ گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي. مقبول شيخ اڃا تائين حفاظتي ضمانت به ناهي ڪرائي.

شڪارپور جي نامياري وڪيل ۽ سماجي اڳواڻ  شاهنواز بروهي جي پٽ بابو بروهي جي قتل ڪيس ۾، سيشن جج جي عدالت اڳوڻي صوبائي وزير پ پ اڳواڻ مقبول شيخ، اڳوڻي صوبائي صلاحڪار فياض محمود شيخ سميت 10 جوابدارن جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. بابو قتل ڪيس ۾ مقبو شيخ کانسواءِ ڏاڏو عرف وڏڻ شيخ، عبدالحميد، عطا محمد عرف عطو، فداحسين، غوث بخش، بلاول، حليم سڀئي شيخ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.

ڪيس جي فريادي ايڊووڪيٽ شاهنواز بروهي پنهنجي وڪيل ايڊووڪيٽ اظهر حسين عباسي معرفت ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج نزاڪت علي ٽانوري جي عدالت ۾ سڌي فرياد داخل ڪئي هئي ته منهنجي پٽ بابو بروهي کي مٿي ذڪر ڪيل جوابدارن قتل ڪيو آهي، جنهن قتل جي منصوبابندي مقبول احمد شيخ ڪئي هئي، جنهن جي چوڻ تي جوابدارن منهنجو پٽ قتل ڪيو آهي. جنهن ڪري عدالت هن قتل جو سڌي ريت پاڻ ڪيس ٻڌي. سيشن جج اهڙي درخواست قبول ڪرڻ بعد سمورن جوابدارن جا وارنٽ پڻ جاري ڪيا. ساڳيو ڪيس اڳ ۾ سول جج عبداللطيف ڏاهاڻي جي عدالت ۾ هلندڙ آهي، جيڪو هاڻي سيشن جج شڪارپور پاڻ ٻڌندو جنهن جي ايندڙ ٻڌڻي 22 جون تي ٿيندي.

ايڊووڪيٽ اظهر حسين عباسي ٻڌايو ته منهنجي مئوڪل شاهنواز بروهي جو پوليس تي عدم اعتماد هو، جنهن ڪري سڌي ريت قتل جو ڪيس داخل ڪرايو آهي، هن ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب هاڻي پهريون ڪيس سڌي فرياد وارو هلندو، جنهن جي ٻڌڻي پهرين جولاءِ تي رٿيل آهي. ياد رهي ته 27 اپريل تي صدر پاڙي ۾ نوجوان بابو بروهي کي قتل ڪرڻ جو واقعو پيش آيو هو، جيڪو ڪيس نيوفوجداري ٿاڻي تي داخل ٿيو هو، پوليس جوابدارن مان فياض محمود جو نالو خارج ڪري ڪيس عدالت ۾ چالان ڪيو هو، سڪسٿ سول جج جي عدالت پوليس جي موقف سان متفق نه ٿيندي خارج ڪيل نالو به ڪيس ۾ شامل ڪري وارنٽ جاري ڪيا هئا، ان جي باوجود فريادي ايڊووڪيٽ شاهنواز بروهي مطمئن نه ٿيندي اڳوڻي ايم پي اي مقبول احمد شيخ جو نالو منصوبابندي ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ سڌي ريت ڌار پٽيشن داخل ڪئي هئي، جنهن جو ڪيس هاڻي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج وٽ هلڻ شروع ٿيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *