Saturday , April 20 2024

شڪارپور: ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، 2 انساني جانيون ضايع

madeji jhero 2

مدئجي ويجهو ڳوٺ در خان ڏاهاڻي ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار  تان ڌرين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ فائرنگ دوران علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو ۽ فائرنگ سبب علائقي جا ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا فائرنگ دوران ٻه سڳا ڀائر لياقت،راحب ڏاهاڻي ۽ عبدالخالق عرف ملان ڏاهاڻي مارجي ويا.

جهيڙي دوران شهزادو ڏاهاڻي سميت ٻنهي ڌرين جا ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا. واقعي جو اطلاع ملڻ تي مدئجي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڌرين وچ ۾ هلندڙ فائرنگ بند ڪرائي ۽ زخمي کي کڻائي تعلقي اسپتال مدئجي پهچايو ۽ مقتولن جا لاش تحويل ۾ ورتا.ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او شيرافسرپٺاڻ ٻڌايوته ڪجهه سال اڳ غفور عرف غفوري ڏاهاڻي مارجي ويو هو جنهن جي وارثن پاران مارجي ويل راحب ڏاهاڻي مٿان قتل ڪرائڻ جو الزام هو.جنهن تان اڄ ملان جي ڌر حملو ڪري ٻن ڀائرن لياقت ۽ راحب ڏاهاڻي کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته جوابي فائرنگ ۾ حملي آور ڌر جو هڪ ڄڻو عبدالخالق عرف ملان ڏاهاڻي مارجي ويو ۽ ٻنهي ڌرين جا 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا جنهن بعد اسان واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش تحويل ۾ ورتا آهن ۽ هڪ جوابدار شهزادو ڏاهاڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. جن کي اسپتال آڻي رهيا آهيون. وڌيڪ ڪاروائي ڪيس داخل ڪرائڻ بعد ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *