Friday , March 29 2024

شيرازي ڀائر ٻيلي کاتي جي کسيل 40 هزار ايڪڙ زمين واپس ۽12سئو ڪيس ختم ڪرائڻ ۾ ڪامياب؛ باضابطا پ پ ۾ شموليت جو اعلان

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) ٺٽي جا شيرازي ڀائر هڪ ڀيرو وري جيالا ٿي ويا آهن، سنڌ سماءَچار جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران ٺٽي ۽ سجاول ضلعن  ۾ آصف زرداري ۽ شيرازي خاندان وچ ۾ هلندڙ سمورا معاملا طئي ٿي ويا آهن، جن مطابق ڪيترن ئي ڏهاڪن کان شيرازين جي ”سنڀال هيٺ“ ٻيلي کاتي جي 40 هزار ايڪڙ زمين ۽ 12 سئو ڪيسن مان کين مڪمل طور تي آجو ڪرايو ويندو. (ان سلسلي ۾ تفصيلي خبر 4 جون تي سنڌسماءَچار اڳ ۾ ئي هلائي چڪي آهي).

ذريعن کان وڌيڪ مليل معلومات مطابق، شيرازي ڀائرن ۽ آصف زرداري وچ ۾ ڪجهه ملاقاتون ون- ٽو- ون به ٿيون هيون جن ۾ پ پ جو ڪو به اڳواڻ موجود نه هو. انهن  ملاقات دوران زمينن وارا معاملا طئي ڪيا ويا، جن تي فريال ٽالپر ڪجهه خدشا ظاهر ڪيا هئا. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، آصف زرداري شيرازي ڀائرن کان ”سنڀال هيٺ“ ٻيلي کاتي جي 40 هزار ايڪڙ کسيل زمين واپس ڪرڻ تي آصف زرداري مڪمل راضپو ظاهر ڪيو هو ۽ سياسي طور تي صوبائي اسيمبلي جي 3 بدران هڪ سيٽ ۽ هڪ ايم اين اي جي سيٽ شيرازين کي ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق. فريال ٽالپر فريال ٽالپر ان راضي نامي تي سخت اعتراض واريندي 40 هزار ايڪڙ زمين واپس ڪرڻ بدران صرف 20 هزار ايڪڙ واپس ڪرڻ تي راضي ٿي هئي. جنهن تي شيرازي ڀائرن آصف زرداري کي پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو هو.

ذريعن جون چوڻ آهي ته لڳ ڀڳ ڏيڍ هفتي کان شيرازي ڀائرن ۽ آصف زرداري وچ ۾ ٻيهر ڳالهيون ٿيون ۽ شيرازين جي ٻنهي مطالبي کي جيئن جو تيئن قبول ڪندي شيرازين کان کسيل ”سنڀال هيٺ“ ٻيلي کاتي واري واپس ڪرڻ ۽ صوبائي اسيمبلي جي 3 تڪن ۽ هڪ ايم اين اي جي سيٽون سندس حوالي ڪرڻ تي ٺاهه ٿي ويو. جنهن کانپوءِ سومر ڏينهن شام جو شيرازي خاندان اعجاز شاهه ۽ شفقت شاهه شيرازي جي سبراهي ۾ بلاول هائوس پهتو، جتي 4 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين وري هڪ ٻيو ڳالهين جو دور ٿيو. ڳالهين جي آخري رائونڊ ۾ شيرازي ڀائرن سمورن معاملن جي ضمانت گهري ورتي. سنڌسماءَچار جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته اهڙي مطالبي نئون رخ اختيار ڪيو، جنهن تي آصف زرداري مير نادر مگسي، خورشيد شاهه ۽ اعجاز جکراڻي کي سڏائي ورتو، جن جي موجودگي ۾ شيرازي ڀازئرن سان سمورا معاملا طئي ڪيا ويا. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته، ان سڄي معاملي ۾ هڪ ٽئين شخص به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪا شخصيت سياسي ناهي، پر ٻنهي ڌرين جي ضامن / ٽياڪڙي طور ڪردار ادا ڪيو آهي. ذريعن جوچوڻ آهي ته پريس ڪانفرنس ڪري پ پ ۾ شموليت جواعلان نه ڪرڻ وارو فيصلو به شيرازي ڀائرن جو ئي هو، جنهن ڪري بلاول هائوس جي ترجمان ذريعي پريس بيان جاري ڪري سندن پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ويو.

شيرازي ڀائر پ پ ۾ شامل ٿي ويا: ترجمان بلاول هائوس

شفقت شاهه شيرازي جي اڳواڻي ۾ شيرازي ڀائرن آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر سان ملاقاتن بعد پيپلز پارٽي ۾ باقائدگي سان شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. بلاول هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته، شيرازي خاندان سيد شفقت حسين شاهه شيرازي ۽ اعجاز شاهه شيرازي جي اڳواڻي ۾ بلاول هائوس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر سان ملاقات ڪري پيپلز پارٽي ۾ باضابطا طور تي شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. بلاول هائوس جي ترجمان موجب آصف زرداري سان شيرازي ڀائرن جي دوران، فريال ٽالپر، سيد خورشيد شاهه،  نادر مگسي اعجاز جکراڻي ۽ سهيل انور سيال به موجود هئا.

شيرازي ڀائرن جي پ پ ۾ شامل ٿيڻ جي اندروني ڪهاڻي جي نيوز اڳ ئي سنڌسماءَچار هلائي هئي

پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ شيرازي ڀائرن کان ٻيلي کاتي جي کسيل 40 هزار ايڪڙ زمين واپس ڪرڻ جي پڪ ڪرائي وئي: بلاول هائوس جا ذريعا

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *