Thursday , March 28 2024

شوڪت عزيز، لياقت جتوئي، غلام نبي مڱريو ۽ شاهد حامد جو وارو اچي ويو، نيب ريفرنس داخل ڪري ڇڏيا

اسلام آباد/ڪراچي( رپورٽرز       سنڌ سماءَ چار)  نيب اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز، اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ لياقت جتوئي، اسماعيل قريشي، نسيم اختر خان، يوسف ميمڻ، ايئر مارشل رٽائرڊ شاهد حامد، عمر فاروق ۽ غلام نبي مڱريو سميت 11 ڄڻن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس۾ ڄاڻايل ماڻهن خلاف  اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري قومي ناڻي کي نقصان پهچائڻ جا ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

نيب اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز، اڳوڻي وفاقي وزير لياقت جتوئي، اسماعيل قريشي، نسيم اختر خان، يوسف ميمڻ، ايئر مارشل رٽائرڊ شاهد حامد، عمر فاروق ۽ غلام نبي مڱريو سميت 11 ڄڻن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اسلام آباد ۾ نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بدعنواني سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڄاڻايل ماڻهن خلاف اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري قومي ناڻي کي نقصان پهچائڻ جا ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي،اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز، اڳوڻي پاڻي ۽ بجلي واري وزير لياقت علي خان جتوئي، اڳوڻي پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري اسماعيل قريشي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

اجلاس ۾ اڳوڻي ايڊيشنل سيڪريٽري محمد يوسف ميمڻ، جوائنٽ سيڪريٽري غلام نبي مڱريو، سيڪشن آفيسر عمر فاروق، متبادل توانائي بورڊ جي چيئرمين ايئر مارشل (ر) شاهد حامد ۽ اڳوڻي سيڪريٽري سميت ٻين خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي جاري رهندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *