Friday , March 29 2024

شهيد تانيا خاصخيلي جي قتل جو چيف جسٽس احمد علي شيخ نوٽيس ورتو،ٻڌڻي19 سيپٽمبر تي ٿيندي

Ahmad Ali Sheikh Justice

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس،جسٽس احمد علي شيخ جهانگارا ۾ وحشي جوابدارن هٿان قتل ڪيل پورهيت جي نياڻي تانيا خاصخيلي جي قتل واري واقعي جو نوٽيس ورتو آهي. چيف جسٽس ڊي آءِ جي حيدر آباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کي نوٽيس جاري ڪندي معاملي مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

جهانگارا ۾ شهيد ڪيل نياڻي تانيا خاصخيلي جي قتل واري واقعي جو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ ڊي آءِ جي حيدر آباد رينج خادم رند ۽ ايس ايس پي ڄامشورو عرفان بهادر کي نوٽيس به جاري ڪري ڇڏيا آهن.چيف جسٽس ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي هدايت ڪئي آهي ته، تانيا خاصخيلي جي قتل سميت ان سان لاڳاپيل سمورن معاملن جي رپورٽ 19 هين سيپٽمبر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سندس عدالت آڏو پيش ڪئي وڃي.

Tania khaskheli 02

ياد رهي ته، 10 ڏينهن اڳ جهانگارا ۾ هڪ بااثر جوابدار خان نوحاڻي ساٿين سان گڏجي تانيا خاصخيلي جي گهر ۾ گهڙي سندس ابي امڙ جي سامهون فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو. ٻه ڏينهن اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جهانگارا پهچي شهيد تانيا جي وارثن سان تعزيت ڪئي هئي. ان موقعي تي وارثن وڏي وزير کي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جي موجودگيءَ ۾ چيو ته، “ مراد علي شاهه توکي اسان ٻڌايون ٿا ته اسان جي نياڻي کي قتل ڪرڻ واري واقعي ۾ جوابدارن سيدن جي گاڏي به استعمال ڪئي”. تڏي تي موجود ماڻهن مان هڪ شخص سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته جڏهن شهيد نياڻي جي وارثن اها ڳالهه ڪئي ته، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه خاموش ٿي ويو ۽ هن ڪو به جواب نه ڏنو.

Irfan Bahadur

ايس ايس پي ڄامشور 

ان مو قعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جنهن هنڌ تانيا قتل ٿي آهي اُهو نه رڳو سندس تڪ آهي پر ڳوٺ به آهي، ڇو ته جهانگرا کان ٿورڙو ئي پرڀرو سندس والد ۽ هن جي جنم ڀومي به آهي. مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته جوابدار ڀلي ڪيڏا به بااثر ڇو نه هجن پر انهن کي لازمي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

تانيا خاصخلي جا قاتل ميڊيا جيڪري لڪي ويا: وڏي وزير جي دعويٰ 

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انڪشاف ڪيو آهي ته، جهانگارا ۾ قتل ٿي ويل مئٽرڪ جي شاگردياڻي تانيا خاصخيلي جي قتل واري معاملي جون خبرون ميڊيا ۽ عوامي رابطن جي گروپس تي هلڻ سبب جوابدار لڪي ويا، جن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

سيد مراد علي شاهه اهڙو اظهار جهانگارا ۽ دادو ۾ ميڊيا ساسن ڳالهائيندي ڪيو. مراد علي شاهه چيو ته تانيا خاصخيلي جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار جلد گرفتار ڪيا ويندا. هن چيو ته اصل ۾ معاملو ميڊيا خراب ڪري ڇڏيو، قتل واري واقعي جون خبرون ميڊيا تي هلڻ سبب جوابدارن کي خبر پئجي وئي ۽ هُو لڪي ويا، جن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن پر جلد کين سوگهو ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *