Friday , March 29 2024

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي نون ڀرتي ڪيل ملازمن جو پوسٽنگ نه ملڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو( رپورٽر    سنڌ سماءَ چار) لاڙڪاڻي ۾ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي نوَن ڀرتي ٿيل ملازمن کي ڪيترائي هفتا گذرڻ باوجود پوسٽنگ آرڊر نه ملي سگهيا آهن، ڀرتي ڪيل اميدوارن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ملازمن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بئنر کڻي محمد حفيظ چانڊيو، رضوان تنيو، زبير ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن چيو ته گذريل سال شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ جونيئر ۽ سينيئر ڪلارڪن لاءِ سوين ملازمن ٽيسٽ پاس ڪئي، جن کي ڀرتي ڪيو ويو. هنن چيو ته ڀرتي ڪيل ملازمن کي اڃا تائين پوسٽنگ آرڊر نه ڏنا ويا آهن، جنهن ڪري هو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. احتجاج ڪندڙ ملازمن سنڌ جي وڏي وزير ۽ صحت کاتي جي صوبائي وزير سميت ٻين کي اپيل ڪئي ته ڀرتي ٿيل ملازمن کي پوسٽنگ آرڊر ڏنا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن جو رائيس ملز جي پورهيتن جي حقن لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) وطن دوست مزدور فيڊريشن جي سڏ تي لاڙڪاڻي سميت مختلف ضلعن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *