Tuesday , March 19 2024

شفاف ۽ آزاد چونڊن لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن:سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر يعقوب

اسلام آباد(رپورٽر سنڌسماءَچار)  سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر يعقوب چيو آهي ته سڀاڻي چونڊن بابت امن امان لاءِ چئلينجز درپيش آهن ۽ اسان کي مختلف قسم جا ٿريٽ ملي رهيا آهن، اسان چونڊون پرامن ٿيندي ڏسڻ چاهيون ٿا سڀاڻي ٽرن آئوٽ سڀني کان وڌيڪ هوندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بابر يعقوب چيو ته پولنگ جو سامان پولنگ اسٽيشنز تائين پهچايو ويو آهي. چونڊن لاءِ 85 هزار 58 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيا ويا آهن، جنهن مان 17 هزار پولنگ اسٽيشنز حساس آهن جنهن تي ڪيمرائون نصب ڪيون ويون آهن. سندس چوڻ هو ته چونڊ عمل صبح جو 8 وڳي کان شام 6 وڳي تائين جاري رهندو، چونڊ نتيجا 7 وڳي اچڻ شروع ٿيندا، ميڊيا 7 وڳي کان اڳ ڪنهن به تڪ يا پولنگ جا نتيجا پڌرا نٿي ڪري سگهي. بابر يعقوب چيو ته چونڊن ۾ سيڪيورٽي لاءِ 8 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن جنهن مان ساڍا 3 لک فوجي جوان ۽ ساڍا 4 لک پوليس اهلڪار اليڪشن دوران ڊيوٽي ڏيندا.

سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر يعقوب چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ 120 پارٽين مان 95 پارٽيون چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهن. چونڊ لاءِ 8 لک 19 هزار عملو ڊيوٽي ڏئي رهيو آهي، سڀاڻي ٽرن آئوٽ سڀني کان گهڻو هوندو. سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر يعقوب چيو ته سڀاڻي قوم جمهوريت جو جشن ملهائيندي، عوام ڀرپور طريقي سان پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *