Friday , March 29 2024

شر قبيلي جي خلاف راڻيپور سازش ڪيس ۽ قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو (حصو پھريون) : ايس ڪي بلوچ

(هي مضمون ايس ڪي بلوچ پاران سنڌسماءَچار جي آفيشل واٽس ايپ گروپ تي شيئر ڪيو ويو، جيڪي هتي پڙهندڙن پيش ڪجي ٿو(

جڏھن قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو 1970 وارين عام اليڪشن لاءِ صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 28 تي پ پ پ ٽڪيٽ لاءِ صرف شر قبيلي جو حق سمجھي ٽڪيٽ جاري ڪئي. چوندا آھن تہ جيڪي پنھنجي خلاف ماضيءَ ۾ ٿيل سازشن مان سبق حاصل ڪري انھن سازشن کي ناڪام ناھن بنائينديو، اھي ھميشه لاءِ پنھنجي آل اولاد کي بہ غلاميءَ جو ڳٽُ ڳچيءَ ۾ وجھي تاريخ جي ورقن ۾ دفن ٿي وينديون آھن. آءُ ھتي شاندار ماضي رکندڙ شر قبيلي کي سندن خلاف ماضيءَ ۾ دائمي غلام بنائڻ جي اھڙي ئي ھڪ خطرناڪ سازش کان آگاه ڪرڻ تمام ضروري ٿو سمجھان جنھن سازش جي نتيجي ۾ ھو 50 سالن کان غلاميءَ جي زندگي گذاريندا پيا اچن پر پوءِ بہ سندن طرفان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ذرو برابر بہ ڪوشش نظر نہ پئي اچي . تنھن ھوندي بہ سندن نئين نسل کي آگاه ڪرڻ ضروري ٿا سمجھون ڇو جو ھن وسيع و عريض ۽ سڌريل قبيلي خلاف ھڪ سوچيل سمجھيل ۽ نھايت ئي وڏي سازش ٿيل آھي جنھن کي سندن وڏڙا تہ شايد تھ دل سان قبول ڪري ھٿ مٿي تي ڏئي غلاميءَ جي ڌٻڻ کي ئي مقدر سمجھي قبول ڪري ويھي رھيا آھن جيڪا ھڪ تمام وڏي ڏک ۽افسوس جي ڳالھ آھي جو ضلعي خيرپور جي پرڳڻي ۽ خاص طور تي ٺري ميرواه ،فيض گنج ۽ نارو جي علائقن ۾ رھندڙ ھن قبيلي جي اڪثريت پڙھيل لکيل، محنتي، ڪاروباري، انتظاميہ ۾ تمام سٺين ۽ وڏين ملازمتن تي سيڪريٽري. ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ڊپٽي سيڪريٽري، جج، وڪيل ، ڪمشنر، ايڊيشنل ڪمشنر ، ڊپٽي ڪمشنر ، ايس ڊي او، ھيڊ ماسٽر ، تمام گھڻا انگريزي توڙي پرائمري استاد، ايس پي، ڊي ايس پي، ايس ايڇ اوز ، ڪيترائي مختلف اين جي اوز ۾ مطلب تہ  ھزارين بھترين ملازمتن تي فائز آھن. ان ڳالھ ۾ ڪو بہ واڌاءُ  نہ ٿيندو تہ اھي ملازمتون يا ڪاروبار پر سڀ ڪجھ ھنن ڪنھن بہ ٻئي جي مدد کان سواءِ صرف پنھنجي قابليت ۽ ميرٽ تي حاصل ڪيو آھي.

پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي تہ ايڏو وڏو علم فھم، عقل . قابليت ۽ ذاتي مڇي ماني قابل ھوندي بہ ھيءَ قبيلي پنھنجي خلاف 50 سالن کان ٿيل غلام بنائڻ واري سازش کي نہ ئي خود سمجھي سگھي آھي نہ ئي وري ان غلاميءَ جي طوق مان جان آجي ڪرائي سگھي آھي؟؟؟؟ اچو تہ ان سازش جي اصل مھرقن کان شر قبيلي جي نئين نسل کي آگاھي  ڏيون تہ جيئن من پنھجي وڏڙن ۽ اڌ صديءَ کان وٺي ٽن نسلن سان ٿيل ڪلورجي ڪوتاھين کي ھي ڪَوَر ڪري سگھن ؟؟؟؟ 1970۾ جڏھن شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، وقت جي آمر فوجي جنرل صدر محمد ايوب خان سان ملڪي صورتحال تي اخطلافن سبب کيس ھٽائڻ ۽ ملڪ ۾ عوامي جمھوري نظام قائم ڪرائڻ لاءِ عام اليڪشن ۾ پنھنجي ٺاھيل پارٽي پ پ پ جي پليٽ فارم تي سڄي ملڪ ۾ ٽڪيٽن جي ورھاست ڪري رھيو ھو تہ ان سلسلي ۾ درخواستون طلب ڪيون ويون. صوبائي لاءِ رئيس حبيب الرحمٰن خان راڄپر ( ڪرونڊي) ، رئيس الاھي بخش خان ٻاڀڻ ( ساجد علي جو والد)، سيد علي تقي شاه( راڻيپور) فقير امداد علي ھيسباڻي، رئيس محمد ملوڪ شر۽ ٻين پ پ پ اميدوار طور اپلاءِ ڪيو.  تہ ڀٽو صاحب سنڌ جي اليڪشن ڪاميٽيءَ کان PS-28 جي ٽڪيٽ لاء ڪنھنِ اھل ماڻھوءَ جو نالو معلوم ڪيو، ڪاميٽيءَ متفقہ طور تي ڪرونڊي شھر ڀرسان ھڪ ننڍڙي ڳوٺ غلام سرور شر ۾ رھندڙ رئيس محمد ملوڪ خان شر جو نالو پيش ڪيو.

جڏھن تہ قومي اسيمبلي جي ٽڪيٽ لاءِ سيد عبدالقادر شاھ جيلاني راڻيپور واري جو نالو پيش ڪيو ويو.( ياد رھي تہ رئيس محمد ملوڪ شر ان کان اڳ ۾ ئي 1960 ع کان تعلقہ ميونسپل ڪاميٽي فيض گنج جو اڪثريت سان چونڊيل چيئرمين رھيو ۽ تمام سٺي ساک رکندڙ ۽ عوام جو ھڏ ڏوکي ماڻھو ھيو) جڏھن تہ ٻيا وڏيرا ۽ پيرَ ميونسپل ڪاميٽي جا ميمبر ھيا.  جڏھن ٽڪيٽون جاري ڪرڻ جو وقت آيو تہ سيد عبدالقادر شاه جيلانيءَ شر قبيلي جي فرد کي ٽڪيٽ ڏيڻ جي سخت مخالفت ڪئي، جڏھن تہ رئيس حبيب الرحمٰن خان راڄپر ۽ فقير امداد علي ھيسباڻيءَ رئيس محمد ملوڪ شر جي حق ۾ ٿيل فيصلي کي قبول ڪيو. تڏھن پ پ سنڌ جو صدر رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي ھيو ۽ سنڌ اليڪشن ڪاميٽيءَ جو چيئرمين ۽ مرڪزي ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري پڻ ھيو جڏھن تہ مرڪزي اليڪشن ڪاميٽيء جو چيئرمين خود ڀٽو صاحب پاڻ ھيو . شر جي حق ۾ ٽڪيٽ جو فيصلو ٿيڻ بعد رئيس حبيب الرحمان راڄپر ۽ شوڪت علي خان راڄپر پنهنجي ڪرونڊي جي بنگلي ۾ محمد ملوڪ شر جي مرڪزي اليڪشن  ڪئمپ قائم ڪري سندس ڀرپور ساٿ ڏنو.

پير عبدالقادر شاھ جيلانيءَ محمد ملوڪ شر جي خلاف رڻ ٻاري ڏنو ڪجھ شاھن ۽ وڏيرن کان جتوئي صاحب توڙي ڀٽو صاحب  تي ٽڪيٽ تبديل ڪرائڻ لاءِ ننھن چوٽيءَ جو زور لڳايو تہ اھا ٽڪيٽ شر جي بجاء علي تقي شاه کي ڏني وڃي يا ڪنھن ٻئي کي پر ڪنھن بہ شر يا بلوچ قبيلي جي  ڪنھن بہ ماڻھو کي نہ ڏني وڃي. جتوئي صاحب جڏھن بيزار ٿي اھو مسئلو ڀٽو صاحب جي اڳيان رکيو تہ ڀٽو صاحب ٽن ڏينھن کان پوءِ سڀني کي گھرائي چيو تہ مان خدا تعاليٰ کي حاضر ناضر ڄاڻي ٽڪيٽ جو ميرٽ تي فيصلو ڪيان ٿو ڇا توھان چئني کي قبول ھوندو؟ جنھن تي ھنن چئني ( عبدالقاد شاه، علي تقي شاه. محمد ملوڪ شر ۽ الاھي بخش ٻانڀڻ) کان قلمو پاڪ پڙھائي فيصلو قبول ڪرڻ جو وچن ورتو، ۽ پوء ٽڪيٽ جو ميرٽ تيِ فيصلو ساڳيوئي محمد ملوڪ شر جي حق ۾ برقرار رکيو ۽ کين گڏجي ورڪ ڪري ڪاميابي حاصل لاء خاص تاڪيد پڻ ڪيو.

انھن ڏينھن ۾ ايسٽ پاڪستان يعني بنگلا ديش بہ موجوده پاڪستان ۾ شامل ھيو. ڀٽو صاحب بنگلاديش ۾ بہ  56 قومي 88 صوبائي تڪن تي اميدوار بيھاريا ھيا ۽ ھو تمام گھڻو مصروف ھوندي بہ صرف رئيس محمد ملوڪ شر جي خالفت کي نظر ۾ رکي خود سندس ورڪ تي ھلي آيو ۽ ٺري ميرواه، اڪري، خوش خير محمد ھيسباڻي، ڪرونڊي ۽ پڪاچانگ ۾ وڏن جلسن کي خطاب ڪندي پير توڙي شر جا ھٿ ھٿن ۾ وٺي مٿي کڻي عوام کي چيو تہ توھان جي تڪ ۾ قومي تي سيد عبدالقادر شاه جيلاني ۽ صوبائي تي رئيس محمد ملوڪ خان شر پ پ پ اميدوار آھن، ھنن ٻنھي کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪجو، پوءِ تلوار مٿي کڻي ھوا ۾ 5 دفعا لھرائيندي چيو تہ ياد رکجو سڄي پاڪستان ۾ پ پ پ اميدوارن جو صرف ھڪ ئي نشان تلوار آھي. جيڪڏھن ڪنھن کي نالو پڙھڻ ۾ نہ اچي سگھي تہ پوءِ ھن نشان کي ڏسي ڇڏيو، ھي تلوار جو نشان آھي جيئن ٺپو ان نشان کان ٻاھر نہ وڃي.

ان کان پوءِ ھن علي تقي شاه ۽ الاھي بخش ٻانڀڻ کي ھٿ کڻڻ لاءِ تاڪيد ڪري اھو ڪم پير عبداقادر شاه حوالي ڪيو. پير عبدالقادر جيلاني ڀٽو صاحب جي روانو ٿيڻ بعد الاھي بخش ٻانڀڻ سان صلاح ڪري خفيہ معاھدو ڪري طيءِ ڪيو تہ شرن سان گڏوگڏ ڀٽو ۽ جتوئيءَ کي بہ سبق سيکارڻو آھي تہ جيئن ٻيھر ڪنھن شر جي حق ۾   فيصلو ڪرڻ جو سوچي بہ نہ سگھن ۽ الاھي بخش ٻانڀڻ کي محمد ملوڪ شر جي مقابلي ۾ آزاد اميدوار طور پنھنجي ورڪ جاري رکڻ جو مشورو ڏنو ؟؟. ان ڳجهي ٺاهه کان پوءِ عبدالقادر شاه رئيس محمد ملوڪ شر سان ڪڏھن گڏ تہ ڪڏھن الڳ سڄي تڪ ۾ ورڪ ڪئي پر شر کي ووٽ ڏيڻ لاءِ ڪنھن کي بہ نہ چيو. انھن ڏينھن ۾ قومي جي پولنگ چار ڏينھن اڳم ۽صوبائي جي 4 ڏينھن بعد ۾ ٿيندي ھئي. پير عبدالقادر شاهه دَغا ۽ فريب کي دل ۾ رکي شر قبيلي سان گڏو گڏ ڀٽو جي سڀني شيدائين کان ووٽ وٺي مسلم ليگ ۽ ٻين جماعتن جي ھڪ مضبوط اميدوار عطا محمد لنڊ کان اليڪشن کٽي جڏھن صوڀارو ٿيو تہ ھن محمد ملوڪ شر سان ورڪ تہ پري جي ڳالھ پر ملڻ ئي ڇڏي ڏنو. پوءِ اليڪشن کان ھڪ ڏينھن اڳ راڻيپور ۾ الاھي بخش ٻانڀڻ ۽ پير عبدالقادر شاه خفيہ طور تي پنھنجي خليفن ۽ خاص خاص ماڻھن ۽ مريدن تي مشتمل 200 ماڻھن جو اجلاس گھرائي انھن کي چيو تہ ڀٽو صاحب ملوڪ شر کان ٽڪيٽ واپس وٺي رئيس الاھي بخش خان ٻانڀڻ کي پ پ پ اميدوار جي ٽڪيٽ جاري ڪئي آھي. تنھنڪري توھان سڀني کي ھدايت ٿي ڪجي تہ سڄي تڪ جي ڳوٺن ۾ وڃي ماڻھن کي اھڙي آگاھي ڏيو ۽ چئو تہ الاھي بخش ٻانڀڻ جي نشان ھاٿيء تي ٺپو ھڻن. ۽ پوء پير 30 عدد ٽيپ رڪارڊر گھرائي انھن ۾ اھڙي ھدايت رڪارڊ ڪري ماڻھن کي روانو ڪيو. سندس چوڻ ھو تہ شر اسان جا مريد آھن جيڪي اسان جي پوک ۽ فصل مثل آھن . ھي ڪامياب ٿي سڀاڻي ايم پي اي، ايم اين اي ۽ وزير ۽ مشير ٿيندا تہ ڪم ڪاريون ۽ نوڪريون ھنن جي پنھنجي ھٿ وسِ ھونديون تہ اسان جي ڪاڻِ ڪيڏانھن ڪڍندا تنھنڪري اسان کي پنھنجي آل اولاد ۽ نسلن جي ڀلي لاءِ ضروري آھي تہ انھن شرن کي اڳتي وڌڻ بجاءِ پنھنجي پوک ۽ فصل ئي رھڻ ڏيون جو ان ۾ ئي پيرن فقيرن جي نسلن جي ڀلائي آھي. ( اھي ھيا پير جي شرن خلاف سازش جا مقصد. جن ۾ ھو ڪامياب بہ ويو ۽ اڄ ڏينھن تائين شر قبيلي جي اڪثريت ان پير ۽ سندس آل اولاد جي اڳيان بہ زر خريد غلام وانگر سر خم ڪري ووٽ ڏيندا ۽ ورڪ ۾ جھمريون ھڻي ڊانس ڪندا رھن ٿا پر کين پاڻ سان ٿيل جٺين تعدين تي ڪا بہ پشيماني نہ اٿن . نہ صرف ايترو پر شر قبيلي جي وڏي اڪثريت انھن پيرن ۽ ٻانڀڻ جي اڳيان پنھنجي ٻڄڙن ۽ نسلن کي بہ سندن غلام رکيو اچن ٿا.

ان غلاميء جي زندگيءَ ۾ بجاءِ پشيمانيءَ جي الٽو فخر محسوس ڪن ٿا جيڪا ھڪ وڏي افسوس جي ڳالھ آھي). ان زماني ۾ نہ روڊ نہ رستا، نہ موبائل نہ فون نہ وري رابطي جو ڪو ترت ذريعو ھو اڪثر گھوڙي سواري ۽ صرف ٽانگا ھلندا ھئا، جو ماڻھو ھڪٻئي سان ڪو ترت رابطو ڪري صورتحال معلوم ڪري وٺن. سندس سازش جو افواه سڄي تڪ ۾ ڦھلجي ويو . صبح جو ھر پولنگ تي بہ پير وارو پيغام پئي ھليو. ياد رھي تہ پير ۽ ٻانڀڻ جي ايڏي وڏي سازش ۽ لکين رپيا نوٽ وھائڻ با وجود صرف 1500 ووٽن تي شرن ۽ بلوچن  کي ھارائي ڀٽو صاحب ۽ جتوئي صاحب کي پيغام ڏنو ويو تہ توھان جي ٽڪيٽ وارو فيصلو غلط ھو شرن مان ماڻھو بيزار آھن کين ووٽن ۾ بيھڻ جي اھليت ئي ناھي. ان ئي ڏينھن عبدالقادر شاھ جي صلاح سان ٻانڀڻ پنھنجي فتح جو جشن ڪڍيو جنھن ۾ ھنن رڍ جو بوطو ٺاھي ان جي وات ۾ واڄو وجھي رڍ کي گھگو پرائي ان مٿان ھاٿي بيھاري ان جو پير رڍ مٿان رکي ان کي زور پيا ڏين تہ رڍ جي وات مان ريون پيون نڪرن ۽ غيرمناسب چڙ ڏياريندڙ نعره هڻندا رهيا تہ شرياڻيءَ جي ڪھڙي حيثيت جو اسان سان مقابلي ۾ پئي بيھي ؟ جڏھن اھڙو جلوس ڪرونڊيءَ پھتو تہ رئيس حبيب الرحمٰن ۽ رئيس شوڪت علي راڄپر جي ماڻھن ٻانڀڻن سان جھيڙو ڪيو ۽ کين شھر مان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو وري بہ واپس وڃڻ بجاء پڪا چانگ جلوس ويو جتي ۽ اڳتي ڪوٽ لالو طرف ويندي خاصخيلين، مجيداڻن ۽ شرن سندن اڳ وٺي مھاڏو اٽڪايو جتان ھنن جلوس جي اڳواڻي ڪندڙ الاھي بخش ٻانڀڻ سميت ڀڄي جان ڇڏائي

ڀٽو صاحب ۽ جتوئي صاحب کي سڄي صورتحال بابت ٻڌايو، جنهن کانپوءِ وري دنيا ڏٺو تہ وري جڏھن 1977 ع جي اليڪشن آئي تہ وري بہ ڀٽو صاحب عبدالقادر شآه جي ٻيھر ڪيل مخالفت جي ڪوششن کي ٿڏي وري بہ رئيس محمد ملوڪ کي ٽڪيٽ جاري ڪندي چيو تہ ان سيٽ الاء صرف شر قبيلي جو حق آھي. اي شر قبيلي جا نوجوانو ڇا ڀٽو صاحب اڻ ڄاڻ يا نا سمجھ ھيو. توھانجي حيثيت کي ان تسليم ڪيو پر توھان پاڻ پنھنجي حيثيت تباھ ڪئي.

ھڪ دفعو ٻيھر توھان کي خدا موقعو ڏنو آھي.

ھاڻي ڏسون تہ ڇا اڃا بہ ان سازشن جي اڳيان جھمريون ھڻندئو يا پاڻ پنھنجو سڃاڻندئو ؟؟؟؟ ( ھلندڙ )

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *