Wednesday , April 24 2024

شريف ۽ زرداري ٻاهران لڙائي لڙائي ۽ اندران ڀائي ڀائي آهن: وزيراعظم عمران خان

لاهور( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته، شهباز شريف جي گرفتاري کانپوءِ جيڪي ماڻهو رڙيون ڪري رهيا آهن انهن کي پتو پئجي ويو آهي ته هاڻي انهن جو وارو آهي، عوام سان ڪيل واعدو پورو ڪندس ۽ ڪرپشن ۾ ملوث ڪنهن به شخص سان ڪو به اين آر او نه ڪيو ويندو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم چيو ته، شريف ۽ زرداري ٻاهران لڙائي لڙائي ۽ اندران ڀائي ڀائي آهن، اهي هڪٻئي جي ڪيل ڪرپشن تي پردو رکندا آيا پر هاڻي ائين ٿيڻ نه ڏبو. جيڪي ماڻهو چون ٿا ته نيب کي حڪومت هٿيار طور استعمال ڪري رهي آهي انهن کي خبردار ڪيان ٿو ته ڪنهن سان به اين آر او نه ڪندس، شۡر ڪن جو نيب هڪ خودمختيار ادارو آهي ۽ جيڪڏهن اهو منهنجي ماتحت هجي ها ته هن مهل تائين 50 کان وڌيڪ ڪرپٽ ماڻهو گرفتار ٿي چڪا هجن ها. عمران خان چيو ته، چيو پيو وڃي ته اپوزيشن ليڊر جي گرفتاري بدنامي آهي، چون ٿا ته شهباز شريف جي گرفتاري سان جمهوريت کي خطرو آهي، پر مان واضع ڪيان ٿو ته ڪرپشڻ ۾ ڪير به ملوث هوندو ان خالف ڪارروائي ٿيندي. قوم جو ڦريل ناڻو پرڏيهه منتقل ڪندڙن کان به اهو ناڻو واپس آڻائينداسين. عمران خان چيو ته شهباز شريف جي گرفتاري ۽ اپوزيشن ليڊر جي سيٽ جي پريشان گهٽ پر انهن کي پنهنجي ڳڻتي گهڻي آهي.

لاهور ۾ ڪيل پريس ڪانفرنس کي خطاب دوران وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته، اسان جي پهرين پاليسي جي تياري شروعاتي مرحلي ۾ آهي، جيڪا 100 ڏينهن کانپوءِ پيش ڪئي ويندي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جو واسطو انتهائي پوئتي پيل علائقي سان آهي جتي بجلي جهڙي سهولت به ناهي ۽ جتي ڪير وڃڻ به پسند ناهي ڪندو. عمران خان چيو ته عثمان بزدار ايماندار شخص آهي ۽ جيستائين پي ٽي آءِ جي حڪومت هوندي عثمان بزدار ئي پنجاب جو وڏو وزير هوندو. وزيراعظم چيو ته اسان ملڪ ۾ هڪ نئون قانون وسل بليو ايڪٽ متعارف ڪرائينداسين، جنهن تحت جيڪو شخص حڪومت ۾ ڪرپشن جي نشاندهي ڪندو، ان کي ريڪور ٿيندڙ رقم جو 20 سيڪڙو حصو ڏنو ويندو. ڪرپشن جو اطلاع ڏيندڙ شاهد کي تحفظ جو ايڪٽ به متعارف ڪرائينداسين. هن چيو ته ن ليگ وارا شهباز شريف جي گرفتاري کي سياسي انتقام قرار ڏئي رهيا آهن، اهو سياسي انتقام ڪيئن ٿو ٿي سگهي. شهباز شريف تي ته 10 مهينا پراڻا ڪيس آهن. سندس چوڻ هو ته ڪالهه مان نواز شريف کي نيلسن منڊيلا ٿيندي ڏٺو؛ ساڻس همدردي ڪندڙن جا نالا به ايندا، جڏهن ڪرپٽ ماڻهو ۾ هٿ پوندا آهن ته سڄي ڪرپشن يونين هڪ ٿي ويندي آهي. تحريڪ انصاف خلاف ن ليگ ۽ پ پ وارا ڀائر ٿي ويا آهن. عمران خان چيو ته نيب اسان کي به هيلي ڪاپٽر معاملي ۾ طلب ڪيو آهي، اسان وڃي جواب ڏيندا آهيون پر ن ليگ وارن مان ڪنهن کي طلب ڪيو ويندو آهي ته اهي گوڙ ڪندا آهن.

هن چيو ته مهانگائي هڪ ئي صورت ۾ ختم ٿي سگهي ٿي ته ڪرپٽ ماڻهن کان پئسا اوڳاڙيا وڃن، نيب چيئرمين کي جيڪو سهڪار گهرجي، اسان ان لاءِ تيار آهيون.وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو قرض 6 هزار ارب رپين مان وڌيڪ 28 هزار ارب رپيا ٿي چڪو آهي، جڏهن خرچ وڌيڪ ۽ آمدني گهٽ هجي ته سمجهو حالتون خراب آهن، پاڪستان کان ٻاهر 9 ارب ڊالر دبئي، سعودي عرب، آمريڪا ۽ برطانيا منتقل ٿيا، ملڪ کان ٻاهر 10 هزار کان وڌيڪ ملڪيتون پڪڙيون ويون آهن. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ميٽرو بس جا 3 منصوبا مڪمل ڪيا ويا، جيڪي خساري ۾ آهن ۽ اورينج ٽرين لاءِ قرض ورتو ويو، اهو منصوبو به خساري ۾ آهي، نظام ۾ بهتري لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ٿي سگهي ٿو اسان کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوي پر اسان ڪجهه ملڪن جي بئنڪن ۾ پنهنجو پئسو رکرائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري بابت ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، تمام جلد پرڏيهي سيڙپڪار پاڪستان جو رُخ ڪندا.

وزيراعظم ملڪ تان قرض لاهڻ لاءِ مهاناگائي ڪرڻ جو اقرار ڪري ورتو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *