Friday , March 29 2024

شريف ڪٽنب خلاف عيد کان اڳ ريفرنسز داخل ٿيندا، جي آءِ ٽي ميمبرن بيان رڪارڊ ڪيا ويندا

Nawaz family

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ نيب جي درخواست منظر ڪندي، پاناما ڪيس جي جاچ ڪندڙ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جي سمورن ميمبرن جا بيان قلم بند ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. شريف ڪٽنب خلاف عيد کان اڳ ريفرنسز داخل ٿيندا.

نيب جي درخواست تي، عدالت جي 28 جولاءِ واري فيصلي تحت جسٽس اعجازالاحسن کي شريف ڪٽنب ۽ اسحاق ڊار سميت ٻين خلاف نيب ريفرنسز داخل ڪرائڻ واري مرحلي جي نگران جج مقرر ڪيو هو. نيب جي درخواست تي جسٽس اعجازالاحسن ٻڌڻي بعد حڪم ڏنو. نيب پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته، گڏيل جاچ ٽيم جي ميمبرن کان نواز شريف جي خلاف ريفرنسز ۾ بيان وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي. گڏيل جاچ ٽيم ۾ واجد ضياءُ سميت آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ ٻين پنج ادارن جا نمائندا شامل هئا. سپريم ڪورٽ حتمي فيصلي ۾ جي آءِ ٽي جي ميمبرن جي نوڪرين کي مڪمل تحفظ ڏنو آهي. ذريعن موجب واجد ضياءَ نيب آڏو بيان ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ته نيب درخواست ڏني هئي ته ريفرنس داخل ڪرڻ جي لاءِ جي آءِ ٽي جي ميمبرن جا بيان ضروري آهن، جسٽس اعجاز الاحسن ملڪ کان ٻاهر هو.

سنڌسماءَچار کي نيب جي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب گڏيل جاچ ٽيم جا سمورا ميمبر نيب آڏو شريف خاندان خلاف مرڪزي گواهه طور بيان رڪارڊ ڪرائيندا. جن جا بيان 27 اگسٽ کان پوءِ مرحليوار رڪارڊ ڪيا ويندا، جن کي نيب پاران باقائده نوٽيسز جاري ٿيندا. نيب جي گڏيل جاچ ٽيم جن ميمبرن جا بيان رڪارڊ ڪندي انهن ۾ ايف آءِ اي جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل واجد ضياءُ، اسٽيٽ بئنڪ جو عامز عزيز، سيڪيورٽي ايڪسچينج جو بلال رسول، نيب جو عرفان منگي ۽ آءِ ايس آءِ جو نعمان سعيد ۽ ملٽري انٽيليجنس جو ڪامران خورشيد شامل آهن.

Hussain Nawaz03

ٻئي طرف نيب جي جاچ آفيسرن کي شريف ڀائرن خلاف ريفرنسز جي حوالي سان رپورٽ عيد کان اڳ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. شريف خاندان خلاف ريفرنسز جي تياري جي سلسلي ۾ نيب کي سمورن ادارن وٽان رڪارڊ ملي ويو آهي، نيب راولپنڊي ۽ لاهور کي ريفرنسز مڪمل ڪرڻ لاءِ 31 آگسٽ جي ڊيڊ لائين ڏني وئي آهي. ريفرنسز داخل ڪرڻ کان اڳ نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ منظوري ڏيندو، نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته شريف خاندان خلاف ريفرنسز جي تياري لاءِ سمورن ادارن رڪارڊ فراهم ڪري ڇڏيو آهي، ايف بي آر ۽ اسٽيٽ بئنڪ شريف فيملي جو رڪارڊ ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ايس اي سي پي پهريان ئي رڪارڊ فراهم ٿي چڪو آهي، ذريعن موجب نيب جنيد صفدر جي اڪائونٽس جا تفصيل به حاصل ڪري ورتا آهن.

سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب نيب پاران حسن ۽ حسين نواز جي بئنڪ اڪائونٽس ۾ ڪروڙين رپيا ٽرانسفر ڪيا ويا، نيب طرفان بيوروز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته نواز شريف، حسن، حسين نواز، اسحاق ڊار ۽ ڪيپٽن صفدر خلاف ريفرنس 31 آگسٽ تائين نيب هيڊڪوارٽر کي موڪليا وڃن، ريفرنسز داخل ڪرڻ کان پهريان نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ منظوري ڏيندو، جنهن کانپوءِ 8 سيپٽمبر کان اڳ ريفرنسز عدالتن کي موڪليا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *