Wednesday , April 17 2024

شريف ڪٽنب خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ڪرپشن ڪيس، واجد ضياءَ کان آڏي پڇا

اسلام آباد( سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ کان العزيزيه ريفرنس ۾ آڏي پڇا مڪمل نه ٿي سگهي،  جڏهن ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ جوابدارن جو بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ عدالتي سوالنامو تيار ڪيو ويو، ڪيس جي ٻڌڻي بجلي بند ٿيڻ سبب سومر تائين ملتوي ڪئي وئي. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جج محمد بشير اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نوازشريف عدالت ۾ پيش ٿيو ته بجلي بند ٿي وئي، جج ايمرجنسي لائيٽ تي ٻڌڻي شروع ڪئي. ٻڌڻي دوران واجد ضياءَ سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته نوازشريف انڪم ٽيڪس ۽ ملڪيت جي تفصيلن سان گڏ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيو هو. واجد ضياءَ چيو ته اهو درست آهي ته حسين نواز  طرفان 13-2014ع ۾ ڪا به رقم وصول نه ڪئي وئي. جي آءِ ٽي سربراهه ٻڌايو ته نوازشريف جي ملڪيت جي تفصيلن موجب، 41 ڏهائي 4 سئو 10 ملين غير ملڪي ڪرنسي ظاهر ڪئي وئي. واجد ضياءَ چيو ته جي آءِ ٽي 2013- 2014 بابت حسين نواز جي بينڪ اسٽيٽ منٽ جا تفصيل به حاصل ڪيا.

واجد ضياءَ چيو ته ٻن بينڪن کان نوازشريف جي اڪائونٽ جا تفصيل حاصل ڪيا ويا. جڏهن ته نوازشريف جي ٽيڪس گوشوارن ۽ ويلٿ اسٽيٽمنٽ جي آءِ ٽي سان ڳنڍيل ناهي. ٻئي پاسي ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنس ۾ جوابدارن جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ سوالنامو تيار ڪيو ويو آهي ۽ سوال نامي جي ڪاپي جوابدارن جي وڪيل حوالي ڪئي وئي آهي. عدالت جو چوڻ آهي ته جوابدار سوالنامي جي روشني ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائين، ذريعن موجب نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کان 127 سوال پڇا ويندا.عدالت طرفان ڪيس جي ٻڌڻي 21 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *