Thursday , March 28 2024

شرجيل ميمڻ شراب معاملو،ايف آءِ آر مان چيف جسٽس جو ذڪر ئي گم ڪرڻ جو مطلب ؟؟

ڪراچي( چيف رپورٽر  سنڌسماءَچار) ضياءَ الدين اسپتال ۾ شرجيل ميمڻ جي ڪمري تي ڇاپي دوران شراب هٿ اچڻ جو ڪيس داخل ته ڪيو ويو آهي پر، ايف آءِ آر ۾ ڪٿي به، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي دوري جو ذڪر ناهي ڪيو ويو، قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته، ايف آءِ آر ڪمزور ٿي وئي آهي، جيڪڏهن جوابدار ڌر ان معاملي جي سنجيدگي سان پوئواري ڪئي ته معاملو گهڻو اڳتي نڪري ويندو، پر ائين ٿيندو ڪو نه.  پهرين سيپٽمبر ڇنڇر ڏهاڙي خانگي اسپتال جي سب جيل قرار ڏنل 4013 تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار ڇاپو هنيو هو، ان ڪمري مان شراب جون بوتلون هٿ آيون هيون. شراب هٿ اچڻ واري معاملي جي ايف آءِ آرنمبر 398/2018   بوٽ بيسن ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي.

ان معاملي ۾ جيڪا دلچسپ ڳالهه سامهون آئي آهي؛ اُها هي ته، ايف آءِ آر ۾ ڪٿي به چيف جسٽس جي دوري جو ڪو به ذڪر ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي وري اهو ڄاڻايو ويو آهي ته، خانگي اسپتال جي سب جيل قرار ڏنل ڪمري تي جيل پوليس ڇاپو هنيون، يا وري معمول جي ڪنهن وزٽ وغيره جو ڪو ذڪر ڪيو ويو آهي. ان بابت ڪرمنل ڪيسز جي هڪ قانوني ماهر نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، ” هن ڪيس ۾ پوليس چيف جسٽس جو ذڪر مڪمل طور تي گم ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا تمام دلچسپ ڳالهه آهي. ايف آءِ آر ۾ پوليس وري سب جيل قرار ڏنل اسپتال جي ڪمري تي ڇاپي بابت به ڪا وضاحت ناهي ڪئي، جيڪا تعجب جهڙي ڳالهه آهي“.

ايف آءِ آر ۾ چيف جسٽس جي ڇاپي ۽ ان دوران هٿ آيل شراب يا ڪنهن ٻئي سامان جو ذڪر نه ڪرڻ جو مطلب ڇا آهي؟ واري سوال جي جواب ۾ قانوني ماهر جو چوڻ هو ته، ” ايف آءِ آر ۾ چيف جسٽس جي ڇاپي کانپوءِ پوليس جي پهچڻ بابت ذڪر نه هجڻ ٽيڪينڪل معاملو آحي، جيڪو سڌو سئنون قانوني گهرجن سان واڳيل آهي. جيڪڏهن چيف جسٽس جو ذڪر ڪيو وڃي ها ته، پوءِ قانوني طور تي چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار ڪيس جو ”شاهد يا اکين ڏٺو شاهد“ بڻجھي وڃي ها ۽ کيس ڪيس جي سموري جاچ ۽ هڪ شاهد جي حيثيت ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ به پيش ٿيڻو پوي ها“. هن ٻڌايو ته، ” ڪيس دلچسپ آهي جيڪڏهن ايف آءِ آر ۾ جوابدار/ملزم ڄاڻايل ڌر ڪيس کي سنجيدگي سان ماتحت عدالت ۾ پوئواري ڪندي ته معاملو تمام گهڻو اڳتي نڪري ويندو پر لڳي نه ٿو ته جوابدار ڌر ان پاسي تي زور ڏيندي“.

شرجيل ميمڻ ۽ سندس ٽن ملازمن خلاف اسپتال جي ڪمري مان شراب هٿ اچڻ جو ڪيس داخل

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *