Friday , March 29 2024

شاگردياڻي فرزانا جمالي کي هيسائڻ ۽ ڌمڪين خلاف دادو ۽ نوابشاهه ۾ احتجاج

دادو/نوابشاهه ( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه جي شاگردياڻي فرزانا جمالي کي انصاف نه مليو، جسقم جو نوابشاهه ۽ دادو ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين جو احتجاج. ايس بي بي يو جي وي سي ارشد جميل ۽ پروفيسر عامر خٽڪ پاران مبينا طور جو جنسي طور هيسايل شاگردياڻي فرزانا جمالي کي انصاف ڏيارڻ لاءِ دادو ۾ فاروق، سجاد، عبدالمجيد جمالي ۽ ٻين  جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن چيو ته سنڌ حڪومت فرزانه جماليءَ کي انصاف ڏيڻ بدران الزام هيٺ آيل شهيد بينظير يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي عارضي معطل ڪري ڊرامو ڪيو آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي عدالتي جاچ ڪرائي شاگردياڻي فرزانه سان انصاف ڪيو وڃي.

هوڏانهن جسقم نوابشاهه جي ضلعي صدر علي رضا خاصخيلي پنهنجي پريس بيان ۾ چيو آهي ته  فرزانه جمالي جو ساٿ ڏيڻ تي  نوابشاهه پوليس مون سميت قومپرست ڪارڪنن کي تنگ ڪري  رهي آهي پر اسان هر موڙ تي فرزانه جمالي سان گڏ آهيون. ٻئي طرف فرزانه جمالي پاران وي  سي ارشد سليم ۽ عامر خٽڪ تي جنسي هراسمينٽ جي داخل ڪيس ۾ پڪي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي پڻ اڄ عدالت ۾ رکيل آهي. هوڏانهن شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي  جي پي آرو  ڪاشف نوراني ٻڌايو ته وي سي 9 آڪٽوبر تائين موڪل تي آهي ۽ عامر خٽڪ معطل هجڻ ڪري يونيورسٽي نه ايندو آهي.  هن چيو ته اڄ پڪي ضمانت لا۽ وي سي ۽ عامر خٽڪ عدالت ۾ پيش ٿيندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *