Thursday , March 28 2024

شاگردياڻين کي تنگ ڪرڻ وارو معاملي تي اجايو واويلا ڪئي پئي وڃي،عدالت جو نوٽيس ناهي مليو: وي سي فتح محمد برفت

حيدرآباد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ) سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت چيو آهي ته، شاگردياڻين کي تنگ ڪرڻ واري معاملي کي اجايو اشو بڻائي ڪجهه ماڻهو سنڌ يونيورسٽي کي بدنام ۽ تعليم کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا. سنڌ يونيورسٽي بهترين تعليمي ادارو آهي جنهن جو تعليمي معيار به سٺو آهي، انڪري ڪجهه ڌريون ان کي تباهه ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن.

ميڊيا رپورٽس مطابق مادر علمي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت چيو ته، شاگردياڻين کي  تنگ ڪرڻ واري معاملي بابت کيس عدالت جو ڪو به نوٽيس ته ناهي مليو، پر انساني حقن واري ڪميشن جو هڪ خط مليو آهي. انساني حقن واري تنظيم  جي خط ۾ شڪايت ڪندڙ جنهن ڇوڪري جو نالو لکيل، جڏهن ان کان پڇاڪئي ته ان اهڙي خط کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪئي. فتح محمد برفت جو چوڻ هو ته، جنهن ڇوڪري جي نالي سان سماجي رابطن جي سائيٽس تي خط وائرل ٿيو آحي اهُا ڇوڪري ته هاڻي يونيورسٽي ۾ رهي ئي ناهي. هڪ ٻي ڇوڪري جنهن جو به نالو سوشل ميڊيا تي اچي رهيو آهي، ان هڪ اي ميل ڪئي هئي جنهن جو کيس جواب ڏنو ويو هو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *