Wednesday , April 24 2024

شاهه عبدالطيف يونيورسٽي ۾ ٽرانسپورٽ جي کوٽ، سوين شاگرد رلي ويا

shah latif unistudent protest
خيرپور ضلعي جي ڏورانيهن تعلقي فيض گنج جا شاهه عبدالطيف يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ 200 سان وڌيڪ شاگرد يونيورسٽي انتظاميا پاران ٽرانسپورٽ جي سهولت نه هجڻ ڪري پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. 200 کان وڌيڪ شاگردن لاءِ رڳو 75 سيٽن واري  پوائنٽ هجڻ ڪري سويشاگرد سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
 فيض گنج تعلقي مان لطيف يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگردن توڙي شاگردياڻين جو تعداد 200 کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته روزانو سفر ڪندڙ شاگردن لاءِ صرف هڪ 75 سيٽر پوائنٽ بس هلائي وڃي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ شاگردن کي سفري مشڪلاتون پيش اچڻ سان گڏ ڪيترائي شاگرد تعليم جي زيور کان محروم ٿي ويا آهن، ان سلسلي ۾ ڪالهه فيض گنج ۾ لطيف يونيورسٽي جي شاگردن رحمان چانگ، عبدالله جان ملاح، جاويد شر، منصور چنو، رحمان آرائين ۽ ٻين سوين شاگردن احتجاج مظاهرو ڪندي ڪاوش سان ڳالهائيندي چيو ته فيض گنج کان شاهه عبدالطيف يونيورسٽي هلندڙ 75 سيٽين واري پوائنٽ بس ۾ شاگردن جي تمام گهڻي رش آهي، جڏهن ته روزانو يونيورسٽي ويندڙ فيض گنج تعلقي جي شاگردن توڙي شاگردياڻين جو تعداد 200 کان مٿي آهي، ان باوجود پوائنٽ بس فيض گنج کان علاوهه ٻين شهرن جي شاگردن کي بس ۾ کنيو وڃي ٿو، جڏهن ته يونيورسٽي انتظاميه فيض گنج جي شاگردن کي هاسٽل الاٽ ڪرڻ تي به پابندي هڻي ڇڏي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ غريب شاگرد عام ٽرانسپورٽ جا ڳرا ڪرايا برداشت نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ پنهنجي اعلي تعليم جاري نٿا ڪري سگهن، هنن چيو ته اهڙي صورتحال بابت اسٽوڊنٽ افيئر سميت لاڳاپيل اختيارين کي درخواستون ڏنيون آهن ته فيض گنج جي شاگردن لاءِ هڪ ٻي پوائنٽ بس جاري ڪئي وڃي، جيئن شاگردن خاص طور شاگردياڻيون تعليم جي زيور کان محروم نٿين، پر ان اختيارين پاران ڪوبه ڌيان ناهي ڏنو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ شاگردن ميڊيا جي تعاون سان ٻيهر اختيارين کان فيض گنج لاءِ هڪ ٻي پوائنٽ بس جي گهر ڪري رهيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *