Friday , April 19 2024

سکر پوليس جو وحشياڻو عمل، بيمار پٽ کي کڻي ويندڙ مبينا جوابدار گرفتار، ٻارڙو اسپتال نه پهچڻ سبب فوت

سکر (رپورٽر   سنڌسماءَچار) سکر ويجهو بيمار پٽ کي اسپتال کڻي ويندڙ پيءُ کي پوليس گرفتار ڪري لاڪ ڪري ڇڏيو، نينگر اسپتال نه پهچڻ سبب فوت ٿي ويو، پيءُ کي بيهوشي جا دورا، محمد يعقوب ساوند جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او فهيم ڀٽو رشوت نه ڏيڻ سبب کيس لاڪ اپ ڪري ڇڏيو ۽ سندس پٽ اسپتال ۾ نه پهچڻ سبب دم ڏنو، وارثن جو نينگر جي لاش سوڌو ايس ايس پي سکر جي آفيس آڏو ڌرڻو، ايس ايس پي پاران انصاف جي خاطرين تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو، اي ايس پي روهڙي جاچ آفيسر  مقرر.

سکر ويجهو بيمار پٽ کي اسپتال کڻي ويندڙ پيءُ کي پوليس پاران گرفتار ڪرڻ سبب بيمار ٻار فوت ٿي ويو، وارثن ايس ايس پي آفيس آڏو نينگر جو لاش رکي احتجاج ڪيو، وارثن جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او دبر فهيم ڀٽو رشوت نه ڏيڻ سبب نينگر جي پيءُ کي لاڪ اپ ڪيو، جنهن ڪري نينگر فوت ٿيو آهي. ڳوٺ غلام بند جو رهواسي محمد يعقوب ساوند پنهنجي 8 سالن جي بيمار پٽ سعيد احمد کي اسپتال کڻي وڃي رهيو هو ته پوليس کيس گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري بيمار نينگر اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي فوت ٿي ويو. ڳوٺاڻن عمران احمد، جميل احمد، غلام مصطفيٰ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي سکر جي آفيس آڏو فوتي نينگر جو لاش رکي احتجاج ڪيو، جنهن دوران نينگر جي والد کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا. احتجاج ڪندڙن چيو ته محمد يعقوب ساوند پنهنجي 8 سالن جي بيمار پٽ سعيد احمد کي اسپتال کڻي وڃي رهيو هو ته غلام بند پوليس چوڪي جي اهلڪارن کيس بيگناهه گرفتار ڪري دبر ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو ۽ سندس کيسي ۾ پيل 35 هزار رپيا ڦري ورتا. ان موقعي تي نينگر جي پيءُ ٻڌايو ته ايس ايڇ او دبر فهيم ڀٽو رشوت نه ڏيڻ تان کيس گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو.ايس ايس پي سکر شيراز نذير احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري کين انصاف جي خاطري ڪرائي ۽ اي ايس پي روهڙي کي معاملي جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *