Friday , March 29 2024

سکر پوليس احتجاج ڪندڙن تي ڏمرجي پئي، آءِ جي اي ايس پي کي بدلي ڪري ڇڏيو

odho1odho

سکر ۾ خميس واري واري ڏينهن ڳوٺاڻن پاران گم ٿيل ٻن ڄڻن جي بازيابي لاءِ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ته پوليس مٿن ڏمرجي پئي. سکر جي سائيٽ ٿاڻي جي پوليس ڳوٺاڻن تي لٺيون وسائيندي رهي جنهن ۾ ڪيترائي ڳوٺاڻا زخمي به ٿي پيا. پوليس ڳوٺاڻن تي تشدد ڪندي کين رستن تي گهليندي رهي جن مان ڪيترن ئي ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري لاڪ حوالي ڪري ڇڏيو.

ڳوٺاڻن تي پوليس جي تشدد واري معاملي جو آءِ جي سنڌ الهه ڏنو خواجا رات جو دير سان معاملي جو نوٽيس وٺندي اي ايس پي سکر سٽي محمد عيسيٰ کي بدلي ڪري فوري طور تي ڪراچي پوليس هيڊڪوارٽر رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. آءِ جي سنڌ احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن تي تشدد ڪندڙ ايس ايڇ او سائيٽ سميت 10 اهلڪارن کي به ڪوارٽر گهاٽ ڪرائي ڇڏيو، جن کي ايس ايس پي سکر ڪوارٽر گهاٽ ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *