Friday , April 19 2024

سکر ميونسپل جي آمدني 80 هزار ۽ خرچ 3ڪروڙن کان وڌيڪ..؟؟

Sukkur SHCسنڌهاءِڪورٽ

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ميونسپل جي ملازمن طرفان پينشن ۽ پگهارون نه ملڻ واري داخل ڪرايل درخواست تي مڪاني ادارن ۽ ناڻي کاتن جي سيڪريٽرين کي 13 مارچ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ان ڏس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن طرفان پگھارون ۽ پينشن نه ملڻ خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران عدالت ميئر کان پڇا ڪئي ته سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي آمدني ڪيتري آهي؟ اها پگھارن ۽ پينشن جي مد ۾ ڪيترا پئسا خرچ ڪري ٿي. ميئر عدالت کي ٻڌايو ته، سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي آمدني 80 هزار آهي، جڏهن ته  پينشن جو 70 سيڪڙو سنڌ سرڪار گرانٽ ڏيندي آهي، پگھارن ۽ پينشن جي مد ۾ 3 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ادائگي ڪئي ويندي آهي. جنهن تي عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته اها شرم جوڳي ڳالھه آهي جو 80 هزار آمدني تي 3 ڪروڙن جون پگھارون ڏنيون وڃن؟ پٽيشنر جي وڪيل هادي بخش ڀٽ عدالت کي ٻڌايو ته سکر ميونسپل ڪارپوريشن جا ملازم ريگيولر پنهنجا فرض سرانجام ڏين ٿا، رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن سندن حق آهن، جن کي نه ڏيڻ سراسر ناانصافي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *