Friday , April 19 2024

سکر: شاهه عبدالطيف يونيورسٽي ۾ استادن جي ڀرتين لاءِ ورتل ٽيسٽ جي سوالي پيپر ۾ غلطين جو انڪشاف

سکر: شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ استادن جي ڀرتي لاءِ ورتل ٽيسٽ ۾ غلطين جو انڪشاف ٿيو آهي، پروفيسرن ڊاڪٽر غلام سرور ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ورتل ٽيسٽ کي رد ڪري سٺي ساک رکندڙ اداري کان ٻيهر ٽيسٽ ڪرائي وڃي. پروفيسرن ڊاڪٽر غلام سرور ، امير علي چانڊيو، مير منصف ٽالپر ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته پاڪستان ٽيسٽنگ سروس پاران 20 جنوري تي ٿيل ٽيسٽ ۾ غلطيون آهن. هنن چيو ته ڀرتي لاءِ جاري ڪيل ساڳئي پيپر ۾ ڪيترائي هڪ جهڙا سوال ۽ سبجيڪٽ کان ٻاهر وارا سوال ڪيا ويا ۽ پيپر ۾ اسپيلنگ جون غلطيون هيون. هنن چيو ته اميدوارن جون سلپون ۽ شناختي ڪارڊ چيڪ نه ڪيا ويا، اميدوارن جا نالا، ذاتيون ۽ جنس تبديل ٿيل هئا ۽ جوابي ڪاپي تي ڇوڪرن جي جاءِ تي ڇوڪرين جا ڦوٽو لڳل هئا . هنن چيو ته سنڌي جي ٽيسٽ ۾ ليڪچرار اميدوار کان الف ب جا سوال پڇيا ويا، ٽيسٽ ٻه ڪلاڪ دير سان شروع ڪئي وئي ۽ اميدوارن پاران احتجاج ڪرڻ کان پوءِ هنن کي پيپر بدلائي ڏنا ويا. سندن وڌيڪ چوڻ هو ته سموريون ڪاپيون ڪمپيوٽر بجاءِ مينيوئل طريقي سان چيڪ ڪيون ويون، جنهن ڪري اسان سمجهون ٿا ته ميرٽ جي لتاڙ ڪري من پسند ماڻهن کي نوازيو ويندو. هنن گورنر سنڌ ۽ وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته پي ايس ٽي پاران ورتل ٽيسٽ کي رد ڪيو وڃي سٺي ساک رکندڙ اداري کان ٻيهر ٽيسٽ ڪرائي وڃي..

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *