Thursday , March 28 2024

سکر سول اسپتال ۾ هڪ به وينٽيليٽر ناهي، خورشيد شاهه پوڻن چئن ڪروڙن جي ملڪيت جو مالڪ

سکر(رپورٽر سنڌسماءَچار) سول اسپتال سکر ۾ هڪڙو به وينٽيليٽر ناهي، جيڪڏهن ڪو به مريض انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اچي وڃي ۽ کيس ڪجهه دير لاءِ هٿرادو ساهه کڻائڻ سان سندس حياتي بچي وڃي ته ان لاءِ کيس وينٽيليٽر جي سهولت نه ملي سگهندي، پر 3 ڏهاڪن کان سکر مان ايم اين اي چونڊجندڙ سيد خورشيد شاهه جي ملڪيتن ۾ ڏينهون ڏينهن  واڌارو اچي رهيو آهي.

 

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه جي اثاثن جا تفصيل منظرعام تي اچي ويا، خورشيد شاهه وٽ ٽوٽل 3 ڪروڙ 59 لک رپين جي ملڪيت آهي، اسلام آباد ۾ 55 لک ۽ 8 لک جا ٻه پلاٽس، سکر ۾ 23 ايڪڙ زمين ۽ ڪوٽڙي ۾ هڪ سئو ايڪڙ زمين جو مالڪ آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل دستاويزن موجب، خورشيد شاهه ، ميمڻ سوسائيٽي ۾ 20 لک رپين جي پلاٽ جو مالڪ آهي ۽ سندس اسلام اباد ۾ 2 پلاٽ آهن، جن جي قيمت 55 لک رپيا  آهي. سندس ٻيو پلاٽ 8 لک رپين جو آهي. دستاويزن موجب، خورشيد شاهه وٽ ريجنت واري علائقي ۾ 3 لک 10 هزار رپين جو گهر آهي،  جڏهن ته ڪوٽڙي ۾ سندس 100 ايڪڙ زرعي زمين آهي، جنهن جي ماليت 16 رپيا آهن. خورشيد شاهه طرفان ناراڪاٽن فيڪٽري ۾ 21 لک رپين جي ماليت جا 25 سيڪڙو شِيئر ظاهر ڪيا آهن. پيپلزپارٽي جي اڳواڻ جا مجموعي اثاثا 3 ڪروڙ 59 لک 15 هزار 359 رپيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *