Thursday , March 28 2024

سکر:پلي بارگين واري قانون کي ختم ڪري ان جو نالو وي آر رکيو ويو آهي: نيب چيئرمين

سکر: نيب چيئرمين قمر الزمان چوڌري چيو آهي نيب جي پلي بارگين واري قانون کي ختم ڪري ان جو نالو وي آر رکيو ويو آهي ۽ ان کي عدالت جي فيصلي سان مشروط ڪيو ويو آهي، نئين قانون تحت وي آر ڪندڙ شخص نوڪري مان فارغ ۽ هميشه لاءِ نااهل ٿي ويندو. سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نيب چيئرمين چيو اڳ ۾ پلي بارگين ڪندڙ شخص 10سالن لاءِ نااهل ٿيندو هو پر هاڻي وي آر ڪندڙ شخص نوڪري مان فارغ ۽ هميشه لاءِ نااهل ٿي ويندو. نيب چيئرمين قمرالزمان چوڌري چيو نيب سنڌ سرڪار جي سهڪار سان ڪم رهي آهي، جنهن تي اسان سنڌ حڪومت جا ٿورائتا آهيون. هن چيو سنڌ ۾ ڪي به خطرا ناهن ۽ چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي ڀيٽ ۾ بلوچستان ۾ وڌيڪ خطرا آهن. قمرالزمان چوڌري چيو ته نيب هيل تائين 285 ارب رپيا واپس ڪرائي قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي چڪو آهي ۽ 92 ميگا ڪرپشن ڪيسن مان 48 ڪيس ڪورٽن کي موڪليا ويا آهن، جيڪي ٽرائل هيٺ آهن. نيب چيئرمين چيو ته سنڌ سرڪار نيب سان مڪمل سهڪار ڪري رهي آهي، نيب سکر ريجن ۾ 5هزار 500 شڪايتون وصول ڪيو ويون، جن مان 22 شڪايتون حل ڪيون ويون، 12 ريفرنس ڪورٽ کي موڪليا ويا ۽ آفيسرن بابت ڪيتريون شڪايتون اڪلايون ويون آهن. قمر الزمان چوڌري چيو ته نيب چيئرمين جي مقرري بابت پارليامينٽ جيڪو قانون ٺاهيندي ان کي قبول ڪيو ويندو. هن چيو ته نيب بابت سپريم ڪورٽ جي ريمارڪس کي گائيڊ لائين طور وٺندا آهيون ۽ نيب ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جوڳيون ڪوششون ڪري رهي آهي. قمر الزمان چوڌري چيو ته، قوم جو نقصان رقم جي واپسي ذريعي ئي پورو ٿي سگهي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *