Friday , March 29 2024

سڄي رات مڇر ماريندو رهيس،منهنجي تعريف ۾ اشتهاري مهم بند ڪئي وڃي:چيف جسٽس سپريم ڪورٽ

ڪراچي ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار ڪراچي شهر مان هڪ هفتي اندر گند ڪچرو صاف ڪرڻ جو حڪم ڏيندي واٽر ڪميشن جي رپورٽ تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ۾ چيو آهي ته، هُو ڪراچي ايندو آهي ته باٿ آءِ لينڊ ۾ رهندو آهي، اتي به مڇر آهن ۽ مان سڄي رات مڇر ماريندو رهيو آهيان. چيف جسٽس ڪراچي جي شهرين کي گذارش آهي تهڍ؛ اُهي سندس تعريف ۾ شروع ڪيل اشتهاري مهم بند ڪن، مان پنهنجي تعريفي مهم نه ٿو چاهيان، مان ته پنهنجو فرض ادا ڪرڻ چاهيان ٿو.

سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ گندو  پاڻي نيڪال ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ جي حڪم تي قائم ڪيل سنڌ واٽر ڪميشن جي رپورٽ تي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ واٽر ڪميشن جي ابتدائي رپورٽ جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ کي مخاطب ٿيندي چيو ته واٽر ڪميشن جي رپورٽ اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي، سنڌ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، اهڳ سڀ ڪجهه هاڻي اسان سامهون اچي ويو آهي، سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت صورتحال خراب آهي ۽ تمام گهڻي ڊيڄاريندڙ تصوير سامهون اچي رهي آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچي شهر جي به صورتحال انتهائي خراب آهي مون کي هڪ هفتي اندر ڪراچي صاف کپي. ان تي چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ چيف جيسٽ کي مخاطب ٿيندي چيو ته، شهر جي صفائي سٿرائي واري ذميواري ڪراچي جي ميئر وسيم اختر جي آهي، اهو ذمون ان جو آهي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته، هتي سياسي بيان بازي ڪري ذميوارين جو هڪٻئي تي بار وجهي ذميوارين مان جان نه ڇڏايو، ان کان پاسو نه ڪيو.

چيف جسٽس مير ڪراچي کان پڇاڻو ڪيو ته گندگي هٽائڻ ۽ صفائي جو ڪم ڪنهن جو آهي. وسيم اختر جواب ڏنو ته سمورا اختيار سنڌ سرڪار وٽ آهن، شهر جو حال خراب آهي، نالا بند آهن، گند جا ڍير لڳل آهن، ڪتن جي ڀرمار آهي، جڏهن ته ميٽرو پوليٽن وٽ نه اختيار ۽ نه وري فنڊ آهن. چيف جسٽس چيو ته هي ڪم ڊي ايم سيز جو آهي ۽ ڊي ايم سيز سنڌ سرڪار جي ماتحت آهن، تنهن جو مطلب آهي ته وسيم اختر ٺيڪ چئي رهيو آهي، ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪيو وڃي ته گند ڪٿي ڦٽو ڪرڻو آهي. چيف سيڪريٽري اعتراف ڪيو ته شهر ۾ روزاني پنج هزار ٽن گند نه پيو کنيو وڃي ۽ اهڙا روڊ به بند آهن جن تي 6 مهينن کان ٻهارو به نه ڦيريو ويو آهي. شهري عدالت ۾ ڪراچي جي علائقي باٿ آئي لينڊ جون تصويرون پيش ڪيون جن ۾ گند ئي گند نظر اچي رهيو آهي. ڊاڪٽر نواز علي ملان چيو ته ڪراچي ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو چڪن گونيا ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن. چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار رمارڪ ڏيندي چيو ته، ڪراچي ايندو آهي ته باٿ آءِ لينڊ ۾ رهندو آهي، ڪالهه سموري رات مڇر ماريندو رهيس، جنهن مڇر کي ماريو تنهن ۾ رت ڀريل هو، مڇر امير يا غريب کي نه ڏسندو آهي، مڇر ته ڪنهن کي به متاثر ڪري سگهي ٿو. اسان تڪرار ۾ نه پونداسين، سياست کان مٿڀرو ٿي سڀ سوچين، جنهن جي جيڪا ذميواري آهي اها ادا ڪرڻي پوندي. گڏيل ڪوششن سان ڪراچي کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *