Friday , April 19 2024

سڄي حياتي انسانيت کي ارپيندڙ عبدالستار ايڌي جي وڇوڙي کي 2 سال گذري ويا

ڪراچي  ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سموري زندگي انسانيت جي خدمت کي ارپيندڙ عبدالستار ايڌي جي اڄ ٻي ورسي، عبدالستار ايڌي دنيا ۾ سڀ کان وڏي ايمبولينس سروس قائم ڪئي، يتيمن ٻارن جي سار لڌي ۽ پاڪستان سوڌو سڄي دنيا ۾ آفتن دوران به انسانيت جي خدمت ۾ سندس غيرمعمولي ڪردار رهيو.

سڄي زندگي انساني خدمت کي ارپيندڙ “باباءِ خدمت” عبدالستار ايڌي جي اڄ ٻي ورسي ملهائي پئي وڃي، ان حوالي سان مختلف شهرن ۾ تقريبون ٿي رهيون آهن،ايڌي جي انسانيت لاءِ ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. انساني خدمت کي ارپيندڙ “باباءِ خدمت” عبدالستار ايڌي 28 فيبروري 1928 ۾ انڊيا جي شهر بانٽوا ۾ پيدا ٿيو،هن  8 جولاءِ 2016 ۾ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ دم ڏنو. عبدالستار ايڌي جو والد  وڻج واپار سبب گهر کان اڪثر ٻاهر رهندو هو، سندس تربيت ماءُ جي هٿن ۾ ٿي، کيس ننڍي هوندي کان ئي ماڻهن جي خدمت جو جذبو هوندو هو.

عبدالستار ايڌي ذهني اپاهجن ۽ غريبن سان تمام گهڻي همدردي ڪندو هو. عبدالستار ايڌي سڀ کان پهرين سوشل آرگنائيزيشن سان گڏجي ڪم ڪيو. 2002 کان 2008 تائين سڄي پاڪستان ۾ ايڌي سينٽر گهڻي حد تائين سماجي ڪمن ۾ رڌل رهيا آهن. ايڌي ويلفيئر آرگنائزيشن اها واحد آرگنائيزيشن آهي، جنهن وٽ پنهنجي ايئرايمبولينس به آهي، جنهن جي وسيلي اها دشوار جڳهن تي به پهچي امدادي ڪم سرانجام ڏيندي آهي.

عبدالستار ايڌي انتهائي سادگي پسند شخص هو، هن ڪڏهن به غرور ۽ تڪبر  جو اظهار نه ڪيو، هن غريب بکايل ماڻهن جي مدد لاءِ ڪشتو کڻي مختلف شهرن ۾ خيرات وٺڻ لاءِ ڪئمپون پڻ لڳايون. ايڌي ۽ ان جي رضاڪارن 8 آڪٽوبر 2008 ۾ آيل خوفناڪ زلزلي ۾ بالاڪوٽ، ڪشمير ۽ ٻين متاثرن علائقن ۾ ترت پهچي متاثرين  گهڻي مدد ڪئي.ناليواري سماج سڌارڪ عبدالستار ايڌي ڪافي عرصو گردن جي تڪليف ۾ مبتلا هئڻ سبب 8 جولاءِ 2016 تي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *