Friday , April 19 2024

سپريم ڪورٽ نيب جي 4 آفيسرن کي وقت کان اڳ رٽائر ڪرائي ڇڏيو

supreme court

سپريم ڪورٽ محمد يونس ۽ فرخ نسيم سميت نيب جي چئن آفيسرن جي وقت کان اڳ ريٽائرمينٽ واري درخواست منظور ڪري ڇڏي آهي، جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ۾ چيو ته عدليا ۾ به ڪڏهن احتساب نه ٿيو هو، هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو ته هڪ جج کي استعيفيٰ ڏيڻي پئي.

سپريم ڪورٽ جي جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهيءَ ۾ ٽَي رڪني بئنچ نيب ۾ غير قانوني مقررين بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

نيب چيئرمين عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته 2 آفيسر ڪرنل نعيم ۽ طارق نديم ريٽائر ٿي چڪا آهن، جڏهن ته محمد عامر ۽ انصر يعقوب واپس پنهنجي کاتن ۾ وڃڻ جي درخواست ڏني آهي.

نيب چيئرمين چيو ته محمد يونس ۽ ڪيپٽن فرخ نسيم به وقت کان اڳ ريٽائرمينٽ وٺڻ جي درخواست ڪئي آهي.

عدالت ٻنهي ڄڻن جون درخواستون منظور ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي وڌيڪ ڪارروائي جي هدايت ڪئي.

جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ۾ چيو ته ڇا آئين ۽ قانون ۾ اهڙي ڪا شق آهي، جنهن تحت نيب راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪم ڪري سگهي، جنهن تي نيب چيئرمين چيو ته آگاهي ۽ ڪرپشن جي خاتمي بابت شعور بيدار ڪرڻ واري مهم هلائي پئي وڃي.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته عدليا ۾ به ڪڏهن احتساب نه ٿيو هو، هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو ته هڪ جج کي استعيفيٰ ڏيڻي پئي.

عدالت چيو ته ميجر برهان علي، ميجر طارق محمود ۽ ميجر شبير احمد بابت فيصلو سڀاڻي ڪيو ويندو، عاليه رشيد بابت به حڪم سڀاڻي جاري ڪنداسين.

جسٽس امير هاني مسلم چيو ته خالي ٿيندڙ آسامين تي نيب چيئرمين اشتهار ڏئي سموريون ڀرتيون پبلڪ سروس ڪميشن تحت ڪرائي.

عاليه رشيد جي وڪيل چيو ته سندس موڪل جي مقرري قانون نه پر پاليسي موجب ٿي آهي، پاليسي هڪ شخص لاءِ نه پر عوام لاءِ بڻائي وڃي ٿي.

جسٽس امير هاني مسلم چيو ته ڇا وزيراعظم ميٽرڪ جي ڊگري کي پي ايڇ ڊي ڪري سگهي ٿو.

نيب چيئرمين ٻڌايو ته عاليه رشيد ريٽائرمينٽ وٺڻ کان انڪار ڪيو آهي، جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته عاليه رشيد ريٽائرمينٽ وٺي ها ته شايد کيس پينشن ملي وڃي ها.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *