Thursday , April 18 2024

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس پاران ڪالاباغ ڊئم تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ مهم جي شروع ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار چيو آحي ته ڪاش مان پنجابي نه پر بلوچ يا سنڌي هجان ها، ڪالاباغ ڊائم ٺاهڻ لاءِ اتفاق راءِ لاءِ مهم هلائڻي آهي جنهن جي شروعات سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري کان ڪندس. اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ پاران پاڻي جي کوٽ واري معاملي بابت پاڻمرادي نوٽيس واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته، ووٽ کي عزت ڏيو جو مقصد آهي ته ماڻهن کي سندن بنيادي حق فراهم ڪيا وڃن. نواز شريف ۽ آصف زرداري پنهنجي دورن ۾ ڪجهه نه ڪيو، اربين رپين جو پاڻي اسان منرلز سان سمنڊ ۾ ضايع ڪري رهيا آهيون.

پاڻي جي مسئلي تي ٻلي وانگر اکيون بند نه ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته اسان کي عملي طور ڪجهه ڪرڻو پوندو، دل چوي ٿي ته ڊيم ٺاهڻ ۽ ملڪ جو قرض لاهڻ لاءِ چولو پهري وڃان ۽ چندو گڏ ڪيان. ٻڌڻي دوران بئريسٽر اعتزاز احسن دليل ڏيندي چيو ته ڪالاباغ ڊيم جو نالو ٻڌي سنڌ ۽ ڪي پي ۾ احتجاج شروع ٿي ويندو آهي. اتفاق راءِ کانسواءِ ڪالاباغ ڊيم نه ٿو ٺهي سگهي.، پ پ جي دور ۾ صوبن کي آئيني حق ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي ته صوبن چيو ته ائين جي پنهنجي ضمانت ڪير ڏيندو. چيف جسٽس چيو ته توهان ڇا ٿا چئو ته اسان اکيون بند ڪري ويهي رهون، ڊيم ٺاهڻ کان آخر ڪنهن روڪيو آهي، جن ڊيمن تي اختلاف ناهي اهي ڇو نه ٺهي رهيا آهن. رمارڪس ڏيندي چيف جسٽس چيو ته، عيد کانپوءِ واپڊا چيئرمين شمس الملڪ بريفنگ ڏيندو، ڪالاباغ ڊيم تي اتفاق راءِ جي مهم ڪراچي رجسٽري کان شروع ڪئي ويندي، ڪاش مان پنجابي نه هجي، سنڌي يا بلوچ هجان ها، اسان کي ڪالاباغ ڊيم تي اتفاق پيدا ڪرڻو آهي، اسان معاملي کي جذبات نه پر تدبر سان ڏسنداسين. هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم تي مڪمل بحث ڪرائينداسين، ڪالاباغ ڊيم تي هڪ صوبي کي ٻي سان نه ويڙهائينداسين، لا اينڊ جسٽس ڪميشن ڪالاباغ ڊيم تي سيمينار ڪرائيندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *