Saturday , April 20 2024

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سان وزيراعظم جي ملاقات سياسي هلچل مچائي ڇڏي

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار ۽ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي ڊگهي ۽ نويڪلائي ۾ ٿيل ملاقات سياسي هلچل به مچائي ڇڏي آهي. چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار سان وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي ملاقات بابت پيپلز پارٽي ورهائجي وئي آهي.

اپوزيشن ليڊر ملاقات کي سٺو عمل قرار ڏنو آهي ته اعتزاز احسن چيو آهي ته موجوده حالتن ۾ ملاقات نه ٿيڻ گهربي هئي، قمر الزمان ڪائرا چيو آهي ته ملاقات جا مڪمل تفصيل عوام آڏو پڌرا ٿيڻ گهرجن اوچتي ملاقات ماڻهو پريشان ته ٿيندا. اڱاري ڏينهن چيف جسٽس سان وزيراعظم جي ملاقات بعد ملڪ جي سياسي ماحول ۾ نئون بحث ڇڙي ويو آهي. اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه ملاقات کي سٺو سئنوڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته، وزيراعظم جي چيف جسٽس سان ملاقات ۾ ڪا به خرابي ناهي، ادارن جي سربراهن کي هڪ ٻئي سان ملڻ گهرجي. خورشيد جو چوڻ آهي ته سمورا ادارا آئيني  لحاظ کان آزاد به آهن پر ائين ڪٿي به ناهي لکيل ته ڪو هڪ اداري جو سربراهه ٻئي اداري جي سربراهه ميل ملاقات نه ٿو ڪري سگهي.

پ پ جي سينئر اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته، چيف جسٽس ۽ وزير اعظم جي ملاقات  وقت ۽ حالتن مطابق مناسب نه هئي ۽ چيف جسٽس کي وزير اعظم سان ملاقات نه ڪرڻ گهرجي ها يا وري ان کي کليل هجي. قمرالزمان ڪائرا چيو آهي ته وزيراعظم ۽ چيف جسٽس سان ملاقات  وارو معاملو ايترو سادو ناهي جيترو سمجهيو پيو وڃي. ملاقات جي ايجنڊا اڳ ۾ طئه ٿيل هجي ها ۽ عوام آڏو پڌري ٿيڻ گهرجي ها. هن چيو ته وزيراعظم ۽ چيف جسٽس جي ملاقات اڪثر ماڻهن جي ذهنن ۾ شڪ پيدا ڪيا آهن جنهن جو تاثر غلط پيدا ٿيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *