Saturday , April 20 2024

سپريم ڪورٽ اي پي ايس سانحي جي عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي هدايت

پشاور( مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) چيف جسٽس ثاقب نثار آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي نئين سر جاچ ڪرائڻ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا واقعي جي نئين سر جاچ ڪري رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪندي. سپريم ڪورٽ پشاور رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ اي پي ايس سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته آرمي پبلڪ سانحي جي شهيد ٻارڙن جو مائرون ڪٿي آهن، جن کيس ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ درخواست ڪئي هئي.ان تي درخواستگذار جي وڪيل جو چوڻ هو ته  سندن اصل هت موجود آهن. چيف جسٽس ڪيس جي ٻڌڻي دوران پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ جڊيشل ڪميشن قائم ڪئي. جوڊيشل ڪميشن آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي نئين سر جاچ ڪرائي رپورٽ سپريم ڪورٽ کي پيش ڪندي. ياد هجي ته گذريل ڀيري چيف جسٽس  جي پشاور پهچڻ تي اي پي ايس سانحي ۾ شهيد ٿيل ٻارن جي مائرن واقعي جي نئين سر جاچ ڪرائڻ جي استدعا ڪئي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *