Thursday , April 18 2024

سينيٽ جي چونڊن ۾ اپ سيٽ، پنجاب مان پي ٽي آءِ جو هڪ، ڪي پي مان پ پ جا 2 اميدوارڪامياب، سنڌ ۾ پ پ جا 15 ووٽ رد

ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سينيٽ جي خالي  ٿيل 52 سيٽن تي ٿيل چونڊن ۾ وڏي پئماني تي ٿيل اپ-سيٽ ملڪي سياست ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏيو آهي، پارلياماني سياست ۾ هڪ ڀيرو وري سياسي گهوڙن جي ويڪائو مال بڻجڻ جا چئوٻول آهن. پنجاب مان پي ٽي آءِ جي هڪ ۽ خيبرپختونخواه مان پ پ جا 2 سينيٽر چونڊجڻ بعد پارلياماني سياست ۾ وڏو اپ – سيٽ ٿي ويو آهي.

سينيٽ جي چونڊن جي نتيجن مطابق پاڪستان مسلم ليگ (ن)  سينيٽ ۾ سڀ کان ولڏي جماعجت ٿي سامهون اچي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جي رڪارڊ مطابق ن ليگ جي حمايت سينيٽ ۾ ن ليگ اڪثريتي پارٽي جي حيثيت ماڻي ورتي آهي. پي ٽي آءِ  پنجاب ۾ توقع جي ابتڙ هڪ سيٽ کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، جتي چوڌري سرور سينٽر چونڊجي ويو آهي. چوڌري سرور پنجاب مان سڀني اميدوارن کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي آهي اهڙي ماحول ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي پنهنجي ئي صوبي ڪي پي ڪي ۾ هنڪ وڏي ناڪامي کي منهن ڏسڻو پئجي ويو آهي. ڇو ته پي ٽي آءِ جو نامزد ڪيل اميدوار مولانا سميع الحق کي رڳو 3 ووٽ ملي سگهيا ۽ عمران خان جو بااعتماد ۽ ويجهو اتحادي سميع الحق ناڪامي کي منهن ڏنو آهي. ڪي پي ڪي جا سياسي حلقا ان ناڪامي کي سڏي سئين عمران  خان ۽ پڏي ٽي آءِ جي پاليسي جي ناڪامي ڪوٺي رهيا آهن.

سينيٽ جي چونڊن ۾ اسلام آب اد جي جنرل سيٽ تي ن ليگ جو حمايتي آزاد اميدوار اسد جوڻيجو غ۽ ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تگي ن ليگ جو حمايتي آزاد اميدوار مشاهد حسين سيد ڪامياب ٿي ويو آهي.

سينيٽ جي نتيجن مطابق پنجاب مان ن ليگ جا جنرل سيٽس تي 6 حمايي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آهن.  پنجاب جي 12 سيٽس مان ن ليگ جي حمايتي اميدوارن مان مجموعي طور ڪُل 11 اميدوار ڪامياب ٿيا آهن. ۽ هڪ سيٽ تي پي ٽي آءِ جو چوڌري سرور ڪامياب ٿيو آهي، چوڌري سرور جي ڪاميابي تي ن ليگ ۾ سياسي طور تي وڏي پئماني تي پريشاني پکڙجي وئي آهي. پنجاب مان جنرل سيٽس کانسواءِ هڪ اقليتي، هڪ عورتن جي مخصوص سيٽ ۽ ٽيڪنوڪريٽس جي ٻن سيٽن تي ن ليگ کي ئي ڪاميابي ملي آهي.

پنجاب ما ڪامياب ٿيل سينيٽر ۾ ڊن ليگ جو سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ، آصف ڪرماڻي، رانا مقبول، شاهين خالد بٽ ۽ محمود الحسن جنرل سيٽن تي ڪامياب ٿيا. ٽيڪنوڪريٽس جي ٻن سيٽن تي اسهاق ڊار ۽ حافظ عبدالڪريم ڪاميابي ماڻي آهي. عورتن جي مخصوص سيٽس تي ن ليگ جي سعديه عباسي ۽ نزهت صادق ڪامياب ٿيون آهن.اقليتن جي سيٽس تي ڪامران مائيڪل به ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.

سينيٽ جي چونڊن ۾ سنڌ مان پيپلز پرٽي 10 سيٽون حاصل ڪرڻ  ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، جڏهن ته تجزيه نگار ان ڪاميابي ۾ پ پ کي ٻن سيٽن جو نقصان قرار ڏئي رهيا آهن. تجزيه نگارن ۽ سنڌ جي سياست تي نظر رکندڙ صحافين جوبه اهو ئي چوڻ آهي ته، پيپلز پارٽي سنڌ مان سينيٽ جون 2 سيٽون وڃايون آهن. ٻئي طرف ماضي ۾ سنڌ جي شهري علائقن ۾ مختلف طريقن سان صوبائي سياست ۾ ڌاڪو ڄمائيندڙ ايم ڪيو ايم کي سياسي طور تي وڏو ڌڪ لڳو آهي. ايم ڪيو ايم جي اندروني اختلافن جي نتيجي ۾ جتي ايم ڪيو ايم کي 2 سيٽون ملڻ  يون هيون اتي صرف هڪ سيٽ حاصل ڪري سگهي آهي. ڪامياب ٿيدڙ ڊاڪٽر فروغ جي ڪامياقبي وري متحده پي آءِ بي / فاروق ستار گروپ لاءِ ڪاپاري ڌڪ ثابت ٿيو آهي.

سينيٽن جي چونڊن ۾ سنڌ مان پ پ جا 10. ايم ڪيو ايم ۽ فنڪشنل ليگ جو هڪ هڪ سينيٽر ڪامياب ٿيو آهي، جن  ۾ ف ليگ جو سيد مظفر حسين شاهه ۽ متحده جو ڊاڪٽر فروغ نسيم شامل آهن. سنڌ مان سينيٽ جي چونڊن ۾ جنرل سيٽس تي ڪامياب ٿيندڙ پ پ جي سينيٽرز ۾ مولابخش چانڊيو، پنجاب سان واسطو رکندڙ مصطفيٰ نواز کوکرميان رضا رباني، امام الدين شوقين ۽ محمد علي شاهه ڄاموٽ شامل آهن. سنڌ مان پ پ جي ٽڪيٽ تي ٽيڪنو ڪريٽس جي سيٽن تي ڊاڪٽر سڪندر منڌرو ۽ رخسانه زبيري ڪاميابي ماڻي آهي. اقليتي سيٽ تي انور لالدين ۽ عورتن جي مخصوص سيٽ تي ٿرپارڪر واسڻ ڪرشنا ڪولهي، قرت العين مري به شامل آهي.

خيبر پختونخواه اسيمبلي مان سينيٽ جي سيٽن تي پي ٽي آءِ جا 5، ن ليگ ۽ پ پ جا ٻه ٻه سينيٽر، جي يو آءِ (ف) ۽ جماعت اسلامي جو هڪ هڪ سينيٽر ڪامياب ٿيا آهن. عورتن جي مخصوص سيٽن تي پي ٽي آءِ جي مهرتاجروغاني ۽ پ پ جي ثمينه خالد ڪاميابي ماڻي آهي. پي ٽي  آءِ جي نامزد ڪيل اميدوار ۽ پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان جو انتهائي اعتماد واري اميدوار مولانا سميع الحق کي رڳو 3 ووٽ ئي ملي سگهيا. ٽيڪنو ڪريٽس لاءِ پي ٽي آءِ جو اعظم سواتي ۽ ن ليگ جو حمايتي آزاد اميدوار دلاور خان ڪامياب ٿيو آهي. ڪي پي مان ڪامياب ٿيل سينيٽرز ۾ پي ٽي آءِ جو فيصل جاويد، ايوب آفريدي، فدا محمد، جي يو آءِ جو طلحه محمود، پ پ جو ب هرمندتنگي، ن ليگ جو پير صابر شاهه، ۽ جڪماعت اسلامي جو مشتاق احمد خان شامل آهن.

بلوچستان مان ڪامياب ٿيل آزاد اميدوارن ۾ انوازر الحق ڪاڪڙ، احمد خان، خدا بابر، ۽ صادق سنجراڻي شامل آهن. جيڪي جنرل سيٽس تي ڪامياب ٿيا آهن. بلوچستان مان عورتن جي مخصوص سيٽن تي ثنا جمالي ۽ ٽيڪنو ڪريٽس جي سيٽ تي نصيب الله بازئي شامل آهن. بلوچستان مان پشتونخواه ملي عوامي پارٽي ٻه ٻه سيٽون حاصل ڪيون  آهن. جن ۾ پي ڪي ميپ جو شفيق ترين ۽ عابده عمر شامل آهن. نيشنل پارٽي جو طاهر بزنجو ۽ اڪرم دشتي سينيٽر طور ڪامياب ٿيا آهن. جي يو آءِ جو مولانا فيض محمد شامل آهن. بلوچستان مان ن ليگ جي حمايت يافته هڪ به اميدوار کي ڪاميابي ناهي ملي سگهي.

وفاق جي انتظام هيٺ فاٽا  مان آزاد حيثيت ۾ سينيٽ جي چونڊن ۾  حصو وٺندڙ اميدوارن مان 4 سينيٽر ڪامياب ٿيا آحن، جن ۾ هدايت الله، شميم آفريدي، هلال الرحمان، ۽ مرزا محمد آفريدي شامل آهن.

سينيٽ جي ڪل 52 سيٽن تي133 اميدوارن ۾ مقابلو ٿيو. جن ۾ پنجاب جي 12 سيٽن تي 20 اميدوار، سنڌ جي 12 سيٽن تي 33، ڪي پي جي 11 سيٽن تي 26 اميدوارن، بلوچستان جي 11 سيٽن تي 25، فساٽا جي 4 سيٽن تي 25 ۽ وفاق /اسلام آباد جي 2 سيٽن تي 5 اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *