Friday , March 29 2024

سيشن جج سکر پاران مختلف پارڪس جو دورو، پارڪن تان قبضا ختم ڪرڻ جي هدايت

سکر ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مختلف پارڪن جو دورو ڪري حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏيندي پارڪس جي حالت بهتر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سکر امجد علي ٻوهيو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي حددخلين بابت ڊپٽي ڪمشنر سکر رحيم بخش ميتلو، ڊپٽي ميئر طارق چوهاڻ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن سان گڏجي شهر جي 18 مختلف پارڪس جو اوچتو دورو ڪيو. دوري دوران هن پارڪس جي اردگرد غيرقانوني حد دخلين ۽ قبضن خلاف ڊپٽي ڪمشنر سکر ۽ ڊپٽي ميئر کي سختيءَ سان هدايت ڪئي ته هو فوري طور تي سمورن پارڪس جي ماپ ڪرائي اصل حدن موجب حددخلين کي فوري طور تي ختم ڪرائين. دوري دوران سيشن جج سکر ميونسپل اسٽيڊيم ۾ لڳايل ناقص واٽر ٽئنڪس کي فوري طور هٽائڻ ۽ واسطيدار ٺيڪيدار جو لائنس پڻ رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٽيڪ چند پارڪ ۾ گند ڪچري اڇلائڻ جو سخت نوٽيس وٺندي ڊي ايس ريلوي کي پابند ڪيو ته هو فوري طور تي پارڪ مان صفائي سٿرائي جو بندوبست ڪري. ميونسپل آفيس ۾ قائم ٿيل جوهر پارڪ کي ختم ڪري ساڳي جاٰ تي ميئر آفيس قائم ڪرڻ جو پڻ سخت نوٽيس ورتو ۽ ڊپٽي ميئر طارق چوهاڻ کان پڇاڻو ڪيو ته ڄاڻايل پارڪ جي جڳهه تي آفيس ٺاهڻ جي ڪنهن منظوري ڏني آهي، ان بابت تفصيلي رپورٽ فراهم ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *