Friday , April 19 2024

سياست جا گگدام – رحمت الله ٻرڙو

Rahmat

چوندا آهن ۽ ٻڌندا پيا اچون ته جڏهن ماحول گهٽ ۽ ٻوسٽ جو تاري ٿي وڃي، ته پوءِ سمجهو ڪو وڏو طوفان اچڻ وارو پڻ آهي، ڪا ڪاري آنڌي ضرور اچڻي آهي، ڪو پڙلاءَ ضرور آهي جنهن جي ڪا به خبر ناهي هوندي ۽ ائين اچي ڪڙڪي پوندو آهي ۽ پوءِ ماڻهن ۾ ڀاڄ، ماڻهن کان اڳ ۾ پکي پرنده ۽ جهنگلي جيوت اوهان کي رڙيون ڪندي ريڙهيون پائيندي ۽ ڀڄندي پاڻ لڪائڻ سان گڏوگڏ اسان لاءِ به سمجهاڻي هوندي آهي ته پاڻ لڪايو، بچايو، ڪا تڪليف ايندي آهي.

ها اهو سمجهي ڇڏيو ته ان لڪاءَ دوران ڪن لاءِ عبرت جون نشانيون هونديون آهن ته وري ڪن لاءِ سبق آموز لمحا ايندا آهن، پر وري ڪجهه ماڻهن منجهان ماڻهون نڪري ٻاهر ان آنڌي ۽ طوفان کي ڏسي لطف اندوز ٿيڻ جو مظاهرو ڪندا آهن.

ان سڄي تمهيد ٻڌڻ جو يا لکڻ جو مقصد اهو آهي ته هن وقت اسان جي ملڪ جي سياسي درجه حرارت ۽ ان تي مسلط ٿيل قيادتون انتهائي عجب تماشو ڪيون ويٺيون آهن، اڳين حالتن جو يا ته هنن کي ڪو ادراڪ آهي يا وري صفا اکيون ٻوٽيون ويٺا آهن، ملڪ ۾ سواءِ ڪنهن ٽوئيٽ ڪرڻ جي باقي ڪل خير لڳو پيو آهي، اوهان ڏسو ته گذريل ڏهن سالن اندر اسان وٽ عوامي ۽ جمهوري حڪومتون آيون آهن ۽ هلن پيون، پر ملڪ جي سياسي درجه حرارت سان گڏوگڏ ترقي جي حساب ڪتاب کي ڏسنداسين ته ڪا به پراگريس ناهي ٿي، جي آهي ته ڪو اچي ٻڌائي ته اسان هيءَ ترقي جو واهه واهي ڇڏيو آهي، ها ترقي جيڪا نظرايندي اها اوهان کي پاڻ مراد پيدا ٿيندڙ حالتن ذريعي نظر ايندي مثال جي ڳالهه ته عالمي مفادن جي زمري ايندي اسان جون حالتون تبديل ٿين ۽ چيو وڃي ته اقتصادي ڦلاڻو، ڦلاڻو منصوبو ته اها ترقي موجوده چونڊيل حڪومت جي اڪائونٽ ۾ اچي ئي نه ٿي سگهي يا ان کي ان حوالي سان ڏسو ئي نه، مثال جي ڳالهه جي سنڌ حڪومت سي پيڪ منصوبي تحت ڪي منصوبا هتي لڳيا وڃن ٿا جن ۾ عالمي ادارن جي فنڊنگ آهي اهي سمجهو ته حالتون هنن کان ڪم ٿيون ڪرائن، باقي ڪجهه ناهن.

ها هي پوءِ مڃتا جي لائق آهن يا هئا جڏهن هي سنڌ حڪومت پاران اعلانيل بجيٽ کپائي مڪمل طور تي منصوبا ظاهر ڪن ها ته پوءِ مڃجي ها ته ٻيلي اوهان ڪجهه ڪري ڏيکاريو.

اسان مڪمل طور تي محسوس ٿيندڙ سياسي ۽ حڪومتي ذميوارن جي اڻڄانائي ئي چئون يا ڪا نئين سوچ سان سماج کي سياسي ماڻهو غير سياسي ڪرڻ طرف پيا وڃن ته ان ۾ ڪو به حرج ناهي، واهان ڏسو ۽ جائزو وٺو ته توهان کي بالغ سياسي قيادتون بلڪل عجيب هيجان جو شڪار نظر اينديون، پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ اهم ذميوار پارٽيون آهن، ملڪي ۽ قومي سطح جون پر گذريل 9 سالن دوران يا هلندڙ ڏهاڪي ۾ قومي سطح تان هي صوبائي سطح تي اچي ڪريون آهن، هاڻ هنن جا سياسي چنبا صوبن کان ٻاهر ڪو نه ٿا نظر اچن، هي ٻئي پارٽيون ملڪ ۾ جمهوريت ۽ سياسي جون دعويدار رهيون آهن، ته جمهوريت اسان کان سواءِ پوءِ ختم، سياست هنن کان پوءِ دنگ!!

هاڻ اوهان خدا ڪارڻ ٻڌايو ته ميان محمد نواز شريف آمريت سان مقابلو اٽڪائيندڙ چوندو آهي، چوي ٿو ته اسان جمهوريت جا دعويدار قومي سياست ڪندڙ آهيون ڏيو خبر سنڌ ۾ هن جي صوبائي اڳواڻن سان حڪومت دوران گذريل 4 سالن کان وٺي ڪهڙو رويو رهيو آهي، عالم آشڪار عالهه جيان سڀ کي خبر آهي بلوچستان ۾ به هڪ معاهدي تحت اڌ حڪومت محمود خان اچڪزئي ۽ اڌ حڪومت رهيل سهيل ن ليگ نالي ۾ ڪري رهي آهي، ڪي پي ڪي ۾ به ڪا خاص پوزيشن ڪونهي جو هتي به امير مقام جهڙا مشرف جا حامي هن جا خاص بڻيل آهي، جيستائين اقتدار اٿس باقي پنجاب بيس تي پارٽي اٿس اها ڪري پيو.

سنڌ ۾ پارٽي فيصلي کان هٽي ۽ سنڌ صوبي جي تنظيم جي ذميوارن کان بنا پڇڻ جي گورنر ڪاروباري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو رکيو ويو جيڪو پڻ صوبي سنڌ جو به ناهي، هاڻي ڏيو منهن، ڪاڏي منهن مريم جو ڪاڏي ٽنڊو الهيار، گورنر سن.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *