Friday , March 29 2024

سياستدان ”عزيز هم وطنو“ وارن کي هٿ سان دعوت ڏئي رهيا آهن: اعتزاز احسن

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) سينئر سياستدان ۽ پ پ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته، جيڪڏهن پنجاب مان ڪو ماڻهو بغاوت ڪري ته ٺيڪ پر جيڪڏهن بلوچستان مان ڪو حقن لاءِ آواز اٿاري ته اهو غدار ۽ گم ڪيو وڃي ٿو، سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي اعتزاز احسن چيو ته، سياستدان پاڻ اهڙيون حالتون پيدا ڪري رهيا آهن ۽ ” عزيز هم وطنو “ وارن کي دعوت ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته، اسان سياستدان ته اها ڳالهه ڪيون ٿا ته، سمورا ادارا پنهنجين حدن ۾ رهي ڪم ڪن، پر اسان پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي نه ٿا پايون، سڀ اکن اول ته اسان کي پنهنجي جيءَ ۾ جاهتي پائڻ گهرجي ۽ ۽ پنهنجي حدن جو ادراڪ ڪرڻ گهرجي.اعتزاز احسن سينيٽ اجلاس کي خطاب دوران اهو به چيو ته، ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته، ججز شاعري ڪري رهيا آهن، ها بلڪل صحيح ٿا چئو ججز شاعري ڪري رهيا آهن؛ پر ياد رکو جڏهن ججز شاعري ڪن يا عدليه مان شاعري جو آواز اچي ته پوءِ سمجهي وڃو ته کين ڪنهن خوف جي بُوءِ اچي رهي آهي.

 پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ اعتزاز احسن دعويٰ ڪئي آهي ته سينيٽ چيئرمين هارس ٽريڊنگ کان سواءِ پيپلز پارٽي جو ئي بڻجندو، اسان کي فوج ۽ عدليه جو مشورو ڏيڻ جي ضرورت ناهي، هر ادارو پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪري. ان کان اڳ اعتزاز احسن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، سينيٽ اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي هارس ٽريڊنگ ناهي ڪئي جيڪڏهن ڪنهن وٽ هارس ٽريڊنگ جو ڪو به ثبوت آهي ته سامهون آڻي. سينيٽ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي جو ئي بڻجندو ۽ اهو به بنا ڪنهن هارس ٽريڊنگ جي. اعتزاز احسن شريف ڀائرن تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪو به فيصلو انهن جي خلاف اچي ٿو ته هو چون ٿا اسان جي خلاف سازش ٿي رهي آهي. فيصلو هنن جي حق ۾ اچي ته عدليه سٺي آهي پر جيڪڏهن انهن جي حق ۾ نه اچي اها ئي عدليه خراب آهي. اعتزاز احسن چيو ته سندس ساٿي سينيٽر فرحت الله بابر گذريل ڏينهن سينيٽ ۾ جيڪا تقرير ڪئي هئي آءُ ان جي موقف سان سئو سيڪڙو متفق آهيا، انڪري سندس ڳالهيون ورجائڻ نه ٿو چاهيان.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *