Friday , April 19 2024

سول _ ملٽري بيورو ڪريسي جو ڳٺ جوڙ آهي، ڇا سول ملٽري بيوروڪريسي مقدس ڳئون آهن: سينيٽ چيئرمين رضا رباني

raza-rabbani-2

سينيٽ اجلاس ۾ وزيرن جي مسلسل غيرحاضري تي چيئرمين سينٽ ڪاوڙجي پيو، حڪومت کي مون مان ڪو  مسئلو آهي ته مان استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان: رضا رباني

سينيٽ اجلاس ۾ وزيرن جي غير موجودگي تي چيئرمين رضا رباني سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو، رضا رباني چيو آهي ته حڪومت کي مون مان ڪو  مسئلو آهي ته مان استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.

رضا رباني سينيٽ اجلاس مان ٻاهر نڪرڻ بعد ڪجهه صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته، حڪومتي وزيرن جو رويو سينيٽ جهڙي اعليٰ ايوان ڏانهن انتهائي غيرسنجيده آهي، لڳي ائين ٿو ڄڻ حڪومت کي مون سان ڪو مسئلو آهي يا مون مان ڪا تڪليف آهي، انڪري آءُ استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ به تيار آهيان.

هن چيو ته ڪرپشن جي الزامن هيٺ سياستدانن جون عزتون نيلام ڪيون وڃن ٿيو، انهن کي خوار خراب ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو به صرف سکڻن ڪرپشن جي الزامن هيٺ. اسان وٽ سول بيوروڪريسي کان ڪير پڇڻ وارو ئي نه آهي، ائين محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ سول بيوروڪريسي جو ڪنهن سان ڳٺ جوڙ ٿيل آهي.

سينيٽ جي چيئرمين رضا رباني اجلاس مان نڪرڻ بعد هلندي ميڊيا سا جي هڪ نمائندي سان ڳالهائيندي چيو ته، هُو پنهنجي موقف تي اڃا به قائم آهي ۽ فيصلن ڪر ڻ ۾ بااختيار آهيان ته جيڪڏهن ڪنهن کي منهنجي ڪري ڪو مسئلو آهي ته، مان استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

سندس چوڻ هو ته هُن سينيٽ جو آئيني وقار بحال رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر حڪومتي وزيرن ۽ بيورڪريسي سينيٽ کي ڪجهه سمجهين ئي نه ٿا. حڪومت سينيٽ جو آئيني وقار مڃڻ لاءِ ئي تيار نه آهي.

سينيٽ جو اجلاس چيئرمين رضا رباني جي صدارت ۾ شروع ٿيو، جنهن ۾ وزيرن جي شرڪت نه ڪرڻ تي رضا رباني ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اجلاس هلائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ سينيٽ جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

سينيٽ اجلاس جي صدارت ڪندي چيئرمين رضا رباني وفاقي وزيرن جي مسلسل غير حاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. رضا رباني چيو ته جيڪڏهن حڪومت کي مون مان ڪو مسئلو آهي ته استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، باقي  سينيٽ جي وقار سان ڪنهن کي به کيڏڻ نه ڏنو ويندو.

سندس چوڻ هو ته هن سنڌ اسيمبلي ۾ گيس معاملي تي لاڳاپيل وزير کان وضاحت وٺڻ  لاءِ کين  ايوان ۾ سڏايو هو پر ان سينيٽ جي چيئرمين جي هدايتن تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ۽ اجلاس ۾ شريڪ ئي نه ٿيا.

رضا رباني چيو ته سندس ڪوشش آهي ته ايوان کي آئين موجب هلايو وڃي، حڪومت جو رويو ٺيڪ نه آهي، جيڪڏهن ساڻس ڪنهن کي رنجش آهي ته هو استعفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

سينيٽ چيئرمين سمورن وفاقي سيڪريٽريز ۽ ايڊيشنل سيڪريٽريز ۽ جوائنٽ سيڪريٽريز  لاءِ وارننگ جاري ڪندي چيو ته اڄ اهي ايوان ۾ اچڻ ۾ 35 منٽن جي دير ڪئي، ڪيترن ئي معاملن تي معلومات لڪائي وڃي ٿي ايوان کان معلومات لڪائڻ تي قاعدن موجب سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

رضا رباني چيو ته ڪارروائي ۾ رنڊڪ انهن حڪومتي ذميوارن وڌي جيڪي سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيا، جيڪڏهن مستقبل ۾سوالن جا جواب نه ڏنا ويا ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

سينيٽ چيئرمين رضا رباني وزيرن جي غيرحاضري سبب اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ ايوان ۾ بنا سرڪاري پروٽوڪول جي هليو ويو.

ٻي طرف سينيٽ چيئرمين کي پرچائڻ لاءِ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ٻه ڀيرا رضا رباني جي گهر وڃي کيس پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اسحاق ڊار سينيٽ چيئرمين رضا رباني کي پرچائي نه سگهيو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *