Thursday , March 28 2024

سوشل ميڊيا ايڪٽيويسٽس خلاف ڪري ڊائون شروع ٿيڻ وارو

اسلام آباد(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار)  سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ جو اعلان، وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اسلام  ۾ مذهبي انتهاپسندي جو تصور نه آهي، سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙڻ تي ڪجهه گرفتاريون ڪيون آهن، ڪنهن کي به نفرت پکيڙڻ نه ڏينداسين، وفاقي سرڪار سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون  جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته افغان تڪرار ۾ڦاسڻ سبب پاڪستان ۾ انتهاپسندي وڌي. هن چيو ته، دنيا انتها پسندي جي چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي، پر اسان جي مذهبي تاريخ ۾ انتهاپسندي ناهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير  چيو ته، اسلام  ۾ مذهبي انتهاپسندي جو تصور ناهي، ڪنهن کي نفرت جي پرچار ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. فواد چوڌري چيو ته، سوشل ميڊيا تي فتويٰ ۽ ڌمڪيون ڏيندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو. هن چيو ته، ڪنهن به تڪرار  جي حل لاءِ ڳالهيون بنيادي شرط آهن، ڳالهيون ڪندڙن خلاف فتويٰ جاري ڪئي پئي وڃي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير  وفاد چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ برداشت جي تاريخ تمام پراڻي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *