Friday , March 29 2024

سنڌ ۾ ڪرپشن ۽ بد انتظامي، ايندڙ ٽن هفتن دوران اهم شخصيتون گرفتار ٿينديون: ذريعا

ڪراچي( اصغرآزاد   سنڌ سماءَ چار) نيب پاران سنڌ ۾ 10 سالن دوران ٿيل ڪرپشن ۽ بد انتظامي سميت مختلف ذريعن سان سرڪاري خزاني کي کاٽ هڻندڙن خلاف وٺ پڪڙ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، مختلف ادارن پاران گذريل 10 سالن دوران صوبائي وزيرن جي پرسنل اسسٽنٽ (پي اي)، پرائيويٽ سيڪريٽرين ۽ سمورن کاتن جي سيڪٽريٽين، اٿارٽيز جي سربراهن جي پرائيويٽ سيڪريٽريز (موجوده ۽ اڳوڻن) کان مرحليوار پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي، جنهن جي بنياد تي اپريل مهيني جي آخري هفتي کانپوءِ وڏي پئماني تي وٺ پڪڙ ڪئي ويندي.

سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، سنڌ حڪومت جي سمورن کاتن خاص طور تي تعليم کاتي، مڪاني ادارن، سُڌسماءَ /انفارميشن اينڊ آرڪائيز، مڪاني ادارن، صحت، ناڻي کاتي، ورڪس انيڊ سروسز، انڊسٽريز، روينيو ۽ بحالي واري کاتي، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن، خوراڪ ۽ آبپاشي وارن کاتن ۾ ٿيل انتظامي بي ضابطگين، قائدن ۽ ضابطن جي ابتڙ ٺيڪا ڏيڻ، مختلف کاتن پاران ڪرايل افتتاحي تقريبن ۽ ٻين پروگرامن جي ڪوٽيشن تي ڏنل ٺيڪن ذريعي سرڪاري خزاني کي لڳل کاٽ جي جاچ جو طريقي ڪار تبديل ڪيو ويو آهي. ذريعن کان مليل سُڌِ مطابق، سموران کاتن خاص طور تي مٿي ڄاڻايل کاتن، اڳوڻن ۽ موجوده وزيرن ۽ سيڪريٽريز جي پرائيويٽ سيڪريٽريز، پرسنل اسسسٽنٽس ۽ پرسنل سيڪريٽريز کان مختلف ذريعن سان معلومات گڏ ڪئي وئي آهي ۽ اهڙي معلومات گڏ ڪرڻ وارو عمل جاري آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته، ايڪسائيز کاتي جي موٽر رجسٽريشن /موٽر وهيڪل (نيو) جنهن ۾ ڪمرشل توڙي نان ڪمرشل گاڏين جي رجسٽريشن، خاص طور تي امپورٽيڊ گاڏين جي ٽئڪسز، گاڏين جي نمبر پليٽس جاري ڪرڻ سميت مخلتف مدُن ۾ ٿيل مالي گهوٻين ۽ وڏي پئماني تي ٿيل بي ضابطگين جي پڻ جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ اهو به معلوم ٿيو آهي ته، امپورٽيڊ گاڏين جي ٽئڪسز، موٽر وهيڪل رجسٽريشن (خاص طور تي نيو رجسٽريشن) جي معاملن ۾ به وڏي پئماني تي ٿيل ڪرپشن ۾ ملوث ڪجهه آفيسرز دبئي ۾ ويهي به ايڪسائيز کاتي جي موٽر رجسٽريشن ونگ جي سمورن سيڪشنز جو ڪاروهنوار هلائيندا رهن ٿا.

(آبپاشي ۽ زراعت کاتي بابت وڌيڪ تفيصلن لاءِ ٿورو انتظار ڪيو)

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *