Thursday , April 25 2024

سنڌ ۾ ڪرپشن: پ پ اي جا پارٽي ايم اين اي تي الزام، پير مجيب سنڌ حڪومت ۽ رفيق جمالي تي ڪرپشن جا الزام

pir mujeebRafiq jamali

سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت، ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ پارٽي اڳواڻن خلاف ڪرپشن جا الزام عام ڳالھ آهي. لاڙڪاڻي، خيرپور، سکر شڪارپور ۽ ٿرپارڪر سميت اڪثر ضلعن ۾ ترقياتي منصوبن ۾ ڪروڙين رپين جي مالي گهوٻين جا قصا عام ماڻهن جي زبان تي عام قصا بڻيل آهن. پر هاڻي پيپلز پارٽي جا اڳواڻ به هڪ ٻئي تي ڪرپشن ڪرڻ جا سڌا الزام هڻي رهيا آهن. اهڙو ئي واقعو خميس ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ پيش آيو جنهن ۾ دادو مان چونڊيل پ پ ايم پي اي پير مجيب پنهنجي ئي پارٽي جي ايم اين اي رفيق جمالي جو اڇو چٺو جاري ڪندي مٿس ڪرپشن جا الزام لڳايا آهن.

پيپلز پارٽي جي دادو مان چونڊيل ايم پي اي ۽ اڳوڻي تعليم واري وزير پير مظهر الحق جي پٽ پير مجيب الحق اجلاس ۾ تقرير دوران سنڌ حڪومت ۽  ايم اين اي رفيق جمالي خلاف چارج شيٽ پيش ڪري ڇڏي، هن رفيق جمالي کي نا اهل قرار ڏيندي چيو ته گورک هل اسٽيشن لاءِ اربين رپيا ڏنا ويا آهن پر ترقي ناهي ٿي، اتي روڊ به ٺهيل ناهي، گورک ڊولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين اهل ناهي، اهو گورک جي ترقي نٿو ڪرائي سگهي،  ان ڪري گورک هل کي ڪنهن عالمي اداري کي ڏنو وڃي ته جيئن ان جي ترقي ٿي سگهي.

هن اهو  به چيو ته  دادو ۾ اسان ايم پي ايز جي اسڪيمن جو افتتاح وري ايم اين اي رفيق جمالي ڪري رهيو آهي، جيڪو  عمل سٺو ناهي، هن اهو به چيو ته  سنڌ حڪومت عوام دوست بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي،  ڀرتي ٿيل سنڌي لئنگويج ۽ عربي ٽيچرن کي پگهارون ڏنيون وڃن، انهن کي نوڪريون وڏي وزير جي منظوري سان مليون. ان ڪري انهن جون پگهارون روڪڻ مناسب ناهي. جڏهن ته ان وقت جي تعليم واري وزير جعلي آرڊر ڏيندڙ ڪامورن خلاف ڪارروائي لاءِ سفارش ڪئي هئي. هن چيو ته سيوهڻ-ڄامشورو روڊ ٻيڻو ڪيو وڃي، ڇو ته اُتي وڏا حادثا ٿي رهيا آهن، تيل ۽ گئس جي رائلٽي وارن فنڊن جو حساب ڪتاب ورتو وڃي ته اهي ڪٿي استعمال ٿيا؟. حڪومت ان تي ناراض نه ٿئي ڇو ته اهو حڪومت لاءِ بهتر آهي.

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *